سنڌو درياءِ تي ڪئنالن خلاف ايس ٽي پي جو سکر احتجاجي جلسو، ڊاڪٽر قادرمگسي جو خطاب

سنڌو درياءِ تي تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ” سنڌ اسان جي ماءُ، سنڌو اسان جو ساھ” جي سري هيٺ شروع ڪيل
عوامي جاڳرتا مهم جو قافلو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ سکر پهتو جتي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي
ڪارڪنن ۽ عوام وڏي انگ م استقبال ڪيو ۽ گلن جي ورکا ڪئي. سکر ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي گڏ ٿي عوامي جلسي کي خطاب سنڌ ترقي پسند پارٽي
جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي ڌرتي کي ﷲ تعالي هر نعمت سان مالامال ڪيو آهي. هن شاهوڪار ڌرتي جي رهواسين کي ڪنهن به
قسم جون سهولتون ناهين. عام ماڻهو هڪ ويلي جي ماني جي لاءِ پريشان آهن. غربت سبب اسان جون نياڻيون روڊن تي پنڻ لاءِ مجبور آهن. اسپتال ۾
علاج لاءِ نه ڊاڪٽر موجود آهن نه ڪا عام بخار جي گوري موجود آهي. سنڌ جي تعليم کي پرائيويٽ اسڪولن جي ڄار وڇائي غريب مسڪين ماڻهو جي
پهچ کان پري رکيو ويو آهي. هن سمورين مصيبتن جو سبب سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ حڪمران آهن گذريل ڊگهي وقت کان سنڌ مٿان حڪمراني ڪندڙ
نه صرف سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون سڀ وڪرو ڪري ڇڏيون آهن. هنن حڪمرانن کي فقط پنهنجي اقتدار ۽ ڪرسي سان پيا
آهي کين عوام جي ڏکن ۽ اهنجن سان ڪو واسطو ناهي. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته اسان سنڌو درياءِ کي بچائڻ جي لاءِ نڪتا
آهيون. سنڌو درياءِ فقط هڪ درياءِ ناهي پر سنڌ جي شھ رڳ آهي ۽ ان جي ڪري سنڌ جو جياپو آهي. سنڌ جو پاڻي جو واحد ذريعو صرف سنڌو درياءِ
آهي ۽ جر اسان جو کارو آهي انڪري جيڪڏهن سنڌو درياءِ سُڪي ويو ته سنڌ مان زندگي ختم ٿي ويندي. ماضي ۾ به سنڌو درياءِ کي سڪائڻ جي لاءِ
ڪالاباغ ڊيم جهڙا منصوبا آندا ويا جن کي عوامي طاقت سان ناڪام بڻايو. هاڻي به عوامي جدوجهد سان هن منصوبن کي دفن ڪري ڇڏيندا سين. هن
چيو ته پ پ پ ڊرامبازي بند ڪري عوام کي بيوقوف نه بڻائي آصف زرداري خود هن منصوبي جي منظوري ڏني آهي. پ پ پ جي سهاري تي وفاقي
حڪومت بيٺل آهي جيڪڏهن پ پ پ واقعي سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف آهي ته پوءِ سنڌ اسيمبلي۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ سندن
اڪثريت آهي اتان هن منصوبن خلاف قراداد پاس ڪرائي. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 24 فيبروري تي لکين سنڌي حيدرآباد ۾ گڏ
سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف ڀرپور آواز اٿاريندا.
ان موقعي تي جلسي کي ڄام عبدالفتاح سميجو ، گلزار سومرو ، حيدر شاھاڻي ، ڊاڪٽر احمد نوناري ، محمد علي شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

About Mazahimat

Check Also

پ پ جو گورنر جي مقرري بابت معاهدو منظر تي آڻڻ جو مطالبو

پ پ جو گورنر جي مقرري بابت معاهدو منظر تي آڻڻ جو مطالبو

ڪراچي: (اڱارو: 02 جولاءِ 2024ع) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي گورنر ڪامران ٽيسوري …