بنگلاديش جون حالتون خراب، مارجي ويلن جو انگ 200 ٿي ويو، وڳوڙين لاءِ گولي جو حڪم، فوج طلب

بنگلاديش جون حالتون خراب، مارجي ويلن جو انگ 200 ٿي ويو، وڳوڙين لاءِ گولي جو حڪم، فوج طلب


ڍاڪا ( م ڊ ) بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جو احتجاج شدت اختيار ڪري ويو، حڪومت احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري فوج کي طلب ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪرڻ ۽ فوج طلب ڪرڻ جو فيصلو سول انتظاميا جي مدد لاءِ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جي مظاهرن ۾ فوتگين جو ڪُل 200 کان ٽپي ويو آهي، حالتون خراب ٿي وڃڻ کانپوءِ حڪومت وڳوڙ ڪندڙن لاءِ گولي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.  جڏهن ته سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم حسينه واجد ٻاهرين ملڪن جا دورا ملتوي ڪري ڇڏيا،  ملڪي صورتحال répliques de montres سبب بنگلاديشي حڪومت اڄ آچر ۽ سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ ۽ ٽيڪسٽ ميسيج سروس ڪافي ڏينهن کان معطل رهي، اوورسيز فون ڪال سروس پڻ بند آهي replica watches uk

About Mazahimat

Check Also

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ٽرمپ تي جلسي دوران قاتلاڻو حملو

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ٽرمپ تي جلسي دوران قاتلاڻو حملو

آمريڪا جو اڳوڻو صدر ۽ ريپبلڪن پارٽي جو اڳواڻ ڊونلڊ ٽرمپ ريلي دوران فائرنگ جي …