
حیدرآباد ( پریس ریلیز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سينئر اڳواڻ نصرت حسين چن وفات ڪري ويو.نصرت حسين چن گذريل ڪجهه مهينن کان گڙدن جي تڪليف سبب زير علاج هو. 55 سالن جي عمر ۾ وفات ڪندڙ نصرت حسين چن پنهنجي پويان ٻه پٽ ٻه نياڻيون ۽ هڪ بيواه سوڳوار ڇڏيا آهن. سندس شمار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي باني ميمبرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. نصرت حسين چن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي جي مختلف مرڪزي عهدن تي رهيو. پنهنجي سياسي زندگي ۾ هن قومي سياسي جدوجهد ۾ مزدورن جي حقن جي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. پاڻ ترقي پسند مزدور فيڊريشن جي مرڪزي صدر ڪافي وقت رهيو. هن وقت نصرت حسين چن سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر سان گڏ حيدرآباد ڊويزن جو صدر پڻ هو. هن وقت کان اڳ پنهنجي سرڪاري نوڪري ڇڏي ڪل وقتي طور سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ ڪم ڪندو رهيو. نصرت حسين جو مڙه سندس اباڻي ڳوٺ ٿرِڙي حاجران لڳ وارھ روانو ڪيو ويو. جتي سندس جنازي نماز ۽ تدفين ڪئي وئي. سندس جنازي نماز ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ، حيدر شاھاڻي ، حيدر ملاح ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري ،جان محمد جوڻيجو، سرواڻ قادر مگسي سميت ايس ٽي پي جي مرڪزي قيادت ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نصرت حسين چن جي وڇوڙي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سميت مرڪزي قيادت پاران نصرت حسين چن جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪندي ٽي ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته نصرت حسين چن هڪ جاکوڙي بهادر سياسي اڳواڻ هو. جنهن پنهنجي سموري زندگي قومي جدوجهد ۽ مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد کي ارپي ڇڏي. هن قومي جدوجهد جي خاطر پنهنجي نوڪري جي قرباني ڏني. نصرت حسين چن جو وڇوڙو سنڌ ترقي پسند پارٽي لاءِ وڏو نقصان آهي. سندس قومي جدوجهد ۾ ڪيل ڪردار سبب کيس هميشه ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته دعاگو آهيون رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه نصيب فرمائي ۽ پوئنرن کي صبح عطا ڪري.
Mazahimat