ھڪ منظم سازش جي ذريعي سنڌ جي اندر ڌارين کي آباد ڪرڻ جون رٿائون جوڙيون ويون آھن.ڊاڪٽر قادر مگسي

ھڪ منظم سازش جي ذريعي سنڌ جي اندر ڌارين کي آباد ڪرڻ جون رٿائون جوڙيون ويون آھن.ڊاڪٽر قادر مگسي

حيدرآباد ( پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي چيو آھي تہ سنڌ جي اندر وڌندڙ ڌارين آبادڪاري سنڌ جي لاءِ انتھائي نقصان ڪار آھي، ڌارين آبادڪاري جي ڪري سنڌ ۾ آبادي جو توازن بگڙجي رھيو آھي. اصل ڌرتي ڌرڻي پاڻ کي غيرمحفوظ محسوس ڪري رھيا آھن. سندن روزگار جي وسيلن تي ڌاريان قابض ٿي رھيا آھن. آھستي آھستي پيرن ھيٺيان زمين نڪرندي پئي وڃي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ترقي پسند ھائوس حيدرآباد تي سنڌي ادبي سنگت جي نعيم ملڪ آغا ظفر جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ڳالھائيندي ڪيوھن چيو تہ ھڪ منظم سازش جي ذريعي سنڌ جي اندر ڌارين کي آباد ڪرڻ جون رٿائون جوڙيون ويون آھن. روزانو سنڌ ۾ ڌارين جا ڪٽڪ اچي مستقل آباد ٿي رھيا آھن جن کي حڪمرانن جي آشيواد سان نہ صرف سنڌ ۾ رھايو پيو وڃي پر کين ھتان جا شناختي ڪارڊ ، رھائيشي سرٽيفڪيٽ ۽ ووٽ جو حق بہ ڏنو پيو وڃي جنھن سبب مستقبل ۾ سنڌ تي سنڌين جي حق حاڪميت بہ سواليہ بنجي سگھي ٿي. ۽ ترقي جي نالي ۾ بحريا ٽائون ، ڊي ايڇ اي سميت جيڪي اسڪيمون جوڙيون ويون آھن انھن جو مقصد بہ ڌارين آبادڪاري کي ھٿي وٺائڻ آھي. ڊاڪٽرقادرمگسي چيو تہ ڌارين آبادڪاري جي سبب سنڌ جو امن امان مڪمل تباھ ٿي چڪو آھي انساني ۽ ھٿيارن جي اسمگلنگ، منشات فروشي سميت جيڪي بہ سنڌ جي اندر سماجي برايون وڌيون آھن ان جو مک سبب ڌارين آبادڪاري آھي. ھن چيو سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي ماڻھن کي سجاڳ ٿي آواز اٿارڻو پوندو تہ جئين سنڌ اسيمبلي ۾ ان جي روڪٿام قانون سازي ڪئي وڃي غيرقانوني آيل غيرسنڌين کي سنڌ ۾ زمين خريد ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي ۽ جيڪي سرڪاري زمينون آھن اھي مقامي ماڻھن کان سواءِ ڪنھن بہ ٻاھرين ماڻھو کي الاٽ نہ ڪيون وڃن. جيستائن ان قسم جي قانون سازي نہ ٿيندي تيستائين سنڌ جي اندر زمينن تي قبضن، غير سنڌين کي وڪرو يا الاٽ ڪرڻ جو سلسلو جاري رھندو. ھن چيو تہ سنڌ جا سمورا قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌريون گڏجي ڌارين آبادڪاري خلاف منظم جدوجھد ھلائينديون. ھن سنڌي ماڻھن کي اپيل ڪئي تہ اھي ڌارين کي پنھنجون زمينون وڪرو ڪرڻ بند ڪن ۽ جيڪي ماڻھو ڌارين کي زمين وٺائي ڏيڻ ۾ بروڪر بنجي رھيا آھن انھن جو سماجي بائيڪاٽ ڪيو وڃي. ايس ٽي پي سرابرھ ڊاڪٽرقادرمگسي اڄ سنڌي ادبي سنگت پاران ٿيندڙ بحرياٽائون خلاف احتجاجي مظاھرن جي مڪمل حمايت ڪندي ايس ٽي پي ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي تہ اھي احتجاجن ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ. ھوت خان گاڏهي. نصرت حسين چن. فقير غلام محمد رند. اعجاز سنڌي ۽ ٻيا موجود هئا.

وڌيڪ پڙھو

Panel Software — What You Should Seek out in a Table Software Package

Whether you are a small company or perhaps an venture, board program can be a …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *