ھڪ دفعو ٻيھرسنڌ جي شعور طرفان ٽوئيٽر تي ڌارين آبادڪاري خلاف سينڊ بيڪ افغان رفيوجز ھيشٽيگ ھيٺ 3 لک 37 ھزار ٽوئيٽس ڪيا ويا

ھڪ دفعو ٻيھرسنڌ جي شعور طرفان ٽوئيٽر تي ڌارين آبادڪاري خلاف سينڊ بيڪ افغان رفيوجز ھيشٽيگ ھيٺ 3 لک 37 ھزار ٽوئيٽس ڪيا ويا

ڌارين آبادڪاري ۽ افغان پناھگيرن خلاف ھڪ دفعو ٻيھر 28 جون 2020 تي سنڌ جي شعور پنھنجو آواز اٿاريو گذريل ڏينھن ”سينڊ بيڪ افغان رفيوجز“ جي ھيشٽيگ ھيٺ 3 لک 37 ھزار ٽوئيٽس ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو تہ ھاڻي افغانستان جو حالتون ڪافي بھتر ٿي ويون آھن انڪري افغان پناھگيرن کي عزت ۽ احترام سان پنھنجي وطن موڪليو وڃي، گذريل سڄو ڏينھن ٽوئيٽر تي ھيشٽيگ ٽاپ تي ٽرينڊ ڪندو رھيو. ٽرينڊ ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ مڪتب فڪر جي ماڻھن وڏي انگ ۾ ٽوئيٽس ڪري حصو ورتو،جن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي، ايس ٽي پي وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، قومي عوامي تحريڪ جو اياز لطيف پليجو، عوامي تحريڪ جي لال جروار، امتياز سمون، ناليوارو صحافي عاجز جمالي، خدا ڏنو شاھ، اقبال جاکرو، تانيہ پليجو، ايس اين پي چيئرمين امير ڀنڀرو، مختيار عباسي ، علي خواجہ، سعيد سانگڙي، رابيل سيال ، ڪائينات ھاليپوٽو، حڪيما ھاليپوٽو، عيسيٰ لاشاري، رستم شاھ، جي ايم لغاري ، ثاقب ڏاھري ، مشتاق مٺو لاشاري، سميت ٻيا وڏي انگ ۾ شامل ھئا.

ٽوئيٽر تي ٽرينڊ بابت انگ اکر جاري ڪندڙ پاڪ پاليٽڪس نالي جي ويب سائيٽ مطابق ”سينڊ بيڪ افغان رفيوجز“ ھيشٽيگ ۾ حصو وٺندڙن ۾ ٽاپ ۾ ايندڙن ۾ سنڌو مير، سرتاج ترڪ، خدا ڏنو شاھ، گلزار شر، مختيار عباسي، مصري مسڪين، جنت خاتون، ماروي سنڌو, سانجهه ۽ امير ڀنڀرو شامل ھئا.

پاڪ پاليٽڪس پاران جاري ڪيل ٽاپ تي آيل حصو وٺندڙ 100 ڄڻن جي لسٽ ڏسڻ جي لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو

وڌيڪ پڙھو

سوشل ميڊيا تي امر جليل جي ٽي سال پراڻي وڊيو وائرل بحث،  ٽوئيٽر تي امرجليل جي حمايت ۾ ٽرينڊ، مختلف اديبن دانشورن سياستدانن پاران امرجليل سان بيھڻ جو اعلان

سوشل ميڊيا تي امر جليل جي ٽي سال پراڻي وڊيو وائرل بحث، ٽوئيٽر تي امرجليل جي حمايت ۾ ٽرينڊ، مختلف اديبن دانشورن سياستدانن پاران امرجليل سان بيھڻ جو اعلان

سنڌ جي ناليواري ليکڪ جي ٽي سال اڳ ۾ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول …