ھڪ جاکوڙي ڪردار ڪامريڊ حسن سمون

ھڪ جاکوڙي ڪردار ڪامريڊ حسن سمون

امتياز سمون

ويھ سيپٽمبر2014 تي صبح جي وقت ناشتو ڪري رھيو ھوس ته ايس ٽي پي ضلع صدر جي فون آئي ته ڪامريڊ حسن سمون کي شھيد ڪيو ويو آھي سچ پڇو يقين نه آيو پئي ور ور ڏئي پڇم ته سائين ڇا پيا چئو،،،،،،،،،،،،
اھڙي ڪيفيت طاري ٿي وئي جو ڪنھن کي اطلاع ڏيان ڪنھن جو نمبر ملايا ڇا ايس ايم ايس ڪريان ڪجھ سمجھ ۾ نه پئي آيو ان وقت گھاري جي دوست ممتاز لاشاري جو فون به آيو جنھن سان پڻ صحيح نموني ڳالھائي نه سگھيس بس ايترو ٻڌايم ته ھا ڪامريڊ قتل ٿي ويو آھي
ڪامريڊ حسن سمون سان منھنجي پھرين ملاقات 1989 ۾ ٿي ڪامريڊ حسن سمون ھڪ نظرياتي سياسي علم فڪر رکندڙ سنڏ سان بي انتھا محبت ڪندڙ فرد ھو سندس ڪڇھڙي فون تي ھجي يا روبرو ھجي سندس موضوع صرف سنڌ سنڌ مٿا ڇانيل غلامي جا ڪڪر، انقلاب انقلابي تنظيم ھوندو ھو. انتھائي سادو سٻاجھو بي انتھا لفظن ٺيٺ سنڌي لفظن جو وٽس ذخيرو ھوندو. سندس جنم 1955 ۾ ٺٽي شھر جي ڀرسان برانچ موري ڳوٺ ۾ ٿيو 2 سالن جي عمر ۾ سندس والد وفات ڪري ويو پاڻ 5 ڪلاس گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول تاج محمد سومرو مان پاس ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ نه پڙھي سگھيو پر ڪڏھن ڪنھن به دوست اھو محسوس نه ڪيو ته ڪامريڊ حسن سمون ففط پنج ڪلاس پاس ھوندو ڇو ته ھو جڏھن به ڳالھائيندو ھو يا بحث ڪندو ھو يا ليڪچر ڏيندو ھو ته ھر ٻڌندڙ کي محسوس ٿيندو ھو سندس ٺيڪ ٺاڪ تعليم ھوندي سندس لکيل مضمون سندس ليڪچر ڪڏھن محسوس نه ڪرائيندو ھو ته سندس تعليم ايتري مختصر ھوندي. ڪامريد حسن سمون فلسفي کي ڪافي پڙھيو ھو سندس ھر بحث دليل سان ھوندو ھو سندس بحث ۾ ايترا پختا دليل ھوندا ھئا جو ڪير کيس مات نه ڏئي سگھندو ھو.ڪامريڊ حسن سمون ھڪ غريب گھر ۾ جنم وٺندڙ ھو ٻن سالن جي عمر ۾ پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويو. سندس پروش سندس ماءُ حاجياڻي ڪئي.. ھڪ ٻھڙاري جي عورت ھوندي ھمٿ نه ھاري سندس ورثي ۾ آيل ٻه ٽي ايڪڙ زمين ھنن جي گذران جو ذريعو بڻيل ھو جنھن کي ھن خود سنڀاليو خود ڪوڏر کڻي زمينن آباد ڪندي رھي.اھڙي بھادر دلير ھمٿ واري عورت ڪک مان جنم وٺندڙ ڪامريڊ حسن سمون جي تربيت به اھا ٿي جو ھو غريب مسڪين ھوندي به مقامي وڏيرن جاگيردارن لاءِ للڪار بڻيل رھيو. جئين ته ڪامريڊ حسن سمون عمر وڌند ي وئي تئين سندس شعور ۾ پختگي ايندي وئي . ڪامريڊ حسن سمون جي سياست جي شروعات سنڌ دوست انقلابي پارٽي سان ٿي اڳتي ھلي وطن دوست انقلابي پارٽي کان پوءِ ڪامريڊ حسن سمون موجوده سنڌ ترقي پسند پارٽي جيڪا شروع ۾ جئي سنڌ ترقي پسند محاذ جي نالي سان جئي سنڌ جو گروپ ھوندي ھئي ان ۾ شامل ٿيو ، ڊاڪٽرقادر مگسي جي جيل واري وقت دوران ڪامريڊ حسن سمون جئي سنڌ ترقي پسند محاذ جي جو مرڪزي نائب صدر ھو، جڏھن ان وقت ڊاڪٽر دودو مھير ي جيل ۾ ويو ته ڪامريڊ حسن سمون ان جو قائم مقام صدر رھيو، جنھن کان پوءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي حثيت ۾ اچن کان پوءِ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر، مرڪزي جوائينٽ سيڪريٽري پڻ رھيو. ڪامريڊحسن سمون علي حسن چانڊيو سان گڏ سنڌ ترقي پسند پارٽي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ نيشنل موومينٽ ٺاھي جنھن جو پاڻ مرڪزي جنرل سيڪريٽري رھيو اڳتي ھلي قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪيائين پر سندس چوڻ مطابق کيس قومي عوامي تحريڪ ۾ وڏا اختلاف نظر آيا سندن نظرياتي لائين سان اختلاف رکندي وري واپس ٻيھر سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو جتي پاڻ آخري وقت تائين مرڪزي سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر ۽ مرڪزي نظرياتي شعبي جو سربراه رھيو. ڪامريڊ حسن سمون سياست سان گڏ رازوڪو ڪم پڻ ڪندو ھو. شروع وارن ڏينھن ۾ ننڍا ننڍا ٺيڪا به کڻندو رھيو پر جڏھن سياست ۾ سرگرم ٿيو ته مخالف اقتداري وڏيرن جاگيردارن سندن ننڍا ننڍا ٺيڪا روڪرائي ڇڏيا. جنھن سبب کيس ڪافي مشڪلاتون پيش آيون پر ڪامريڊ حسن سمون ھمٿ نه ھاري ھو ھميشه چوندو ھو ته سندس خواب ھن قوم جي خوشحالي آھي ھن ڌرتي جو عزت وقار آھي. سندس چوڻ ھوندو ھو ته سندس ماءُ سندس سڀ کان وڏو ڀرجھلو آھي جنھن ڏک ڏسي گرمين ۾ اڪيلي ھر ھلائي زمينون آباد ڪري نه صرف کيس پاليو پر سندس قومي سياست ۾ به اڃان تائين مددگار آھي انڪري کيس گھر جو ڪو الڪو ناھي . اھا امان حاجياڻي ڪامريڊ حسن سمون جي شھادت وقت به ھمٿ نه ٿي ھاري ان وقت به چوي ٿي ته ھي منھنجو پٽ. شھيد ٿيو آھي ٻيو منھنجو پٽ ڊاڪٽرقادرمگسي آھي جيڪو ھن سموري سنڌ کي ظلمن کان ڇوٽڪارو ڏياريندو.
ڪامريڊ حسن سمون کي لکڻ پڙھڻ سان تمام گھڻي دل ھوندي ھئي. سندس مختلف اخبارن رسالن ۾ مضمون پڻ شايع ٿيندا رھيا، ٺٽي مان ڪجھ عرصو ديبل نالي ھڪ ماھوار رسالو جو پڻ ايڊيٽر رھيو. ڪيترو وقت سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ترجمان انقلابي واٽ پڻ سندس نگراني ۾ نڪرندو رھيو. ڪامريڊ حسن سمون جا ھن وقت ڪيترائي ڇپيل اڻ ڇپيل لکڻيون موجود آھن جيڪي سمورا نظرياتي سياسي فڪر جديد سائنسي بنيادن تي سياسي بحثن تي مبني آھن. اھي لکڻيون سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي لاءِ راه مشعل آھن. ڪامريڊ حسن سمون ھڪ سچو قومي ڪارڪن ھو سندس دوستن جو ھڪ وسيع تعداد ھو، دوستن جي ڏک سک ۾ پنھنجي حال سارو بيھندو ھو. معاشي طور ڪمزور ھجڻ باوجود ھو قرض به کڻي دوستن کي وقت سر ڪم ايندو ھو.. ھي سدائين ھر ماڻھو کي منھن تي سڇ ڇئي ڏيندو ھو. ڪنھن غريب ھٺين ڪلاس جي ماڻھو ظلم بربريت ڪڏھن برداشت نه ڪندو ڪھڙو به جاگيردار وڏيرو طاقتو ڪامورو ھجي پر ان کي سچ منھن تي چئي ڏيندو ھو انھن جي ظلم بربريت خلاف سراپا احتجاج بنجي مظلوم جو ساٿاري ٿيندو ھو. اھوئي سبب ھو جو کيس ھر ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻھو عزت احترام سان ڏسندو ھو جڏھن سال اڳ مٿس ڪلاشنڪوف جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ته ٺٽي ڪورٽ جي 46 وڪيلن سندس وڪالت نامي تي صحيحون ڪيون ته اسان ڪامريڊ جو ڪيس وڙھنداسين. مقامي وڏيرن جي اک ۾ ڪنڊو بڻيل ڪامريڊ حسن سمون کي نيٺ انھن رھزنن شھيد فاضل راھو جيان شھيد ڪرائي ڇڏيو ، ڪامريڊ حسن سمون جي شھادت سان نه صرف ايس ٽي پي پر سڄي سنڌ ھڪ سچي جھوني قومي ڪارڪن سان محروم ٿي وئي آھي ڪامريڊ حسن سمون جسماني طور تي جدا ٿي ويو پر سندس ڏنل سياسي تعليم سان سندس وڏو انگ شاگردن جو موجود آھي اميد آھي ته اھي شاگرد سندس خوابن کي ضرور ساڀيان تائين پھچائيندا. جيڪو ھن ھڪ خوشحال آزاد باوقار سنڌ جو خواب ڏٺو ھو