ھندو شاگردياڻي انيلا جي ڪيس ۾ ھڪ وڌيڪ جوابدار گرفتار

حيدرآباد، ٽنڊو غلام علي(نمائندن وٽان) ٽنڊو غلام علي ۾ سوشل ميڊيا تي بليڪ ميلرن کان تنگ ٿي مبينا انت آڻيندڙ هندو شاگردياڻي انيلا ڪيس ۾ نامزد هڪ وڌيڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٽنڊو غلام علي پوليس ڪپري موري ويجهو ڪارروائي ڪري مک جوابدار سومچند ميگهواڙ جي دوست مهيش ميگهواڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته اشوڪ اڃا تائين روپوش آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٽئين جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کيس جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٽنڊو غلام علي ۾ سوشل ميڊيا تي بليڪ ميلرن کان تنگ ٿي ناري انيلا ميگهواڙ زهر پي آپگهات ڪيو.
ڪيس جو مک جوابدار سومچند ميگهواڙ کي ماتلي جي عدالت 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ پڙھو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان جي ڀاءُ ۽ بشير خان قريشي جو …