ھاڻي عادي ڏوھارين کي اي ڊوائيس لڳايو ويندو سندن ھر حرڪت تي نظر رکي ويندي

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ طرفان اٽڪل 10 هزار کان وڌيڪ عادي ڏوهارين کي اي ڊوائيس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پوليس ذريعن موجب ڪراچي ۾ 10 هزار قيدي اهڙا آهن، جيڪي ضمانتن تي آزاد ٿيڻ بعد وري ڏوهه ڪن ٿا، جيڪي 4 کان 5 ڀيرا يا ان کان به وڌيڪ دفعا جيل جي هوا کائي چڪا آهن، انهي باوجود هنن ڏوهه ڪرڻ نه ڇڏيا آهن . پوليس ذريعن موجب اهي عادي ڏوهاري جيل مان آزاد ٿيڻ بعد وري وڏي واردات ڪن ٿا، پوليس ذريعن موجب جيل ۾ اچڻ بعد اهي قيدي جيل ۾ ويهي نوان گروهه پڻ ٺاهين ٿا ۽ ايئن ڏوهن جو اڻ کٽ سلسلو جاري رهي ٿو. انهن 10 هزار کان وڌيڪ قيدين کي ايڊيشنل آءِ جي طرفان اي ڊوائيس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اي ڊوائيس لڳل هجڻ سبب اهي 24 ڪلاڪ پوليس جي نظر هيٺ هوندا، جن کي ضمانت تي آزاد ٿيڻ وقت اي ڊوائيس ڳچي، ڄنگهه يا وري هٿ ۾ لڳائي ويندي. جيڪا گھڙي وانگر هوندي. ان حوالي سان ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ طرفان ڊي آءِ جي سي آئي اي عارف حنيف جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ايس ايس پي اي وي ايل سي امجد شيخ ۽ ايس ايس پي ايس آءِ يو نعمان صديقي کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. ڪاميٽي کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته اها قانون واري وزارت، گھرو وزارت ۽ انساني حقن جي تنظيمن سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهائي ان متعلق سفارشون تيار ڪري. ڪاميٽي ٽريڪر تي ايندڙ خرچ جو ڪاٿو لڳائي ورڪنگ پيپر تيار ڪري ايڊيشنل آءِ جي آفيس کي پيش ڪندي.

وڌيڪ پڙھو

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي تهملڪ جي حڪمرانن جي …