ڳوٺ سنگهار کوسو ۾ ايس ٽي پي جو وفد مرڪزي اڳواڻ گوتم چنا جي اڳواڻي ۾ پهتو

مانجهند ڀرسان ڳوٺ سنگهار کوسو ڳوٺ هن وقت تائين به پوليس جي ڪڙي ۾ آھي سڄو ڳوٺ پوليس جي بڪتربند گاڏين ۽ موبائل سان ڀريو پيو آھي تقريبن سڄو ڳوٺ ماڻھڻ کان خالي نظر آيو ۽ ڪافي گهرن تي پوليس جو قبضو آھي ڪجھ ڳوٺاڻا پوليس جي خوف کان پنهنجا گهر خالي ڪري ويا آھن ۽
ڪجھ پوليس گرفتار ڪيا آھن جن ۾ عورتون به شامل آھن جن ۾ هڪڙو جوڙو اهڙو به آھي جن جي اڄ رات شادي ٿيڻي هئي ڳوٺ ۾ شديد خوف هراس هو نوجوان ۽ مستقبل جي ٿيندڙ وڪيل رحمان کوسي ٻڌايو ته سائين پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي ڳوٺاڻاڻن مٿان فائرنگ ۽ سخت شلينگ ڪئي آھي جنهن ۾ اسان جا معصوم ٻار ۽ عورتون زخمي ٿيون آھن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آھي هن ٻڌايو نه رڳو اسان ڪا گهر ڊاٺا ويا آھن پر انهن ۾ موجود قيمتي سامان سون روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪلون پڻ پوليس کڻي وئي آھي هن چيو ته هن وقت تائين ڪو به چونڊيل نمائندو اسان کان پڇڻ نه آيو نه ئي وري ڪا مدد ڪرڻ لاء تيار آھن ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ گوتم چنا ڳوٺاڻن سان مخاطب ٿيندي پوليس جي هن قهر ڪاروائي جي سخت لفظن مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته بي گناھ گرفتار ٿيل عورتن توڙي مردن کي جلدي آزاد ڪيو وڃي ۽ گهر ڪئي ته هن معاملي جي عدالتي جانچ ڪرائي وڃي هن ڳوٺاڻن کي يقين ڏياريو ته ايس ٽي پي هر طرح سان اوهان جي جائز قانوني ۽ اخلاقي مدد ڪندي هن ڳوٺاڻن کي ٻڌايو ته اسان ڊاڪٽر قادر مگسي جي هدايتن تي اوهان وٽ پهتا آھيون جيڪو هر ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي ماڻھن سان گڏ هوندو آھي
گوتم چنا

وڌيڪ پڙھو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ:شھر ۾ وڌندڙ بدامني، موٽر سائيڪلن جي چوري، گھرن مان ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف سنڌ …

Leave a Reply

Your email address will not be published.