گھوٽڪي واقعو منھنجي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ تقرير کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش آھي-عمران خان

وزيراعظم گهوٽڪي واقعي کي سندس تقرير سبوتاز ڪرڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو. طورخم سرحد تي نئين ٽرمينل جي افتتاحي تقريب دوران وزيراعظم عمران خان صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ گهوٽڪي ۾ هندو برادري جي عبادتگاهن کي نقصان پهچائڻ توڙي مظاهرن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
وزيراعظم چيو ته گهوٽڪي واقعو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران سندس تقرير کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش آهي. قائد اعظم سمورين اقليتن کي خاطري ڪرائي هئي ته اُهي به هن ملڪ ۾ برابر جا شهري آهن. اسلام ۾ به اقليتن کي برابر جا شهري حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.

گھوٽڪي واقعو منھنجي گڏيل قومن جي اجلاس  ۾ تقرير کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش آھي-عمران خان

وڌيڪ پڙھو

آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي-شھباز شريف

آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي-شھباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. سمورين …