گھوٽڪي جو امن سواليہ بنجي ويو.اسڪول مندر تي حملہ، ريليون، شاگرد جو استاد تي مبينہ الزام، استاد گرفتار

گھوٽڪي جي سنڌ پبلڪ اسڪول جي پرنسپال نوتن داس تي سندس اسڪول جي شاگرد توھين رسالت جو الزام لڳائي گھوٽڪي اندر مذھبي باھ کي ڀڙڪائي ڇڏيو آھي اھڙي الزام اچڻ کان پوءِ مختلف مذھبي جماعتن جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ٿاڻي تي ايف آء آر ڪٽرائي ٻي پاسي سڄي شھرتي ۾ خوف ھراس ڇائنجي ويو.شھر مڪمل بند ٿي ويو مڇڙيل ماڻھن سنڌ پبلڪ اسڪول ۾ داخل ٿي ٽوڙ ڦوڙ ڪئي جڏھن تہ ھڪ مندر تي پڻ حملو ڪيو ويو، مختلف سڄاڻ ڌرين اھڙين واقعن تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي ماڻھن کي پرامن رھڻ جي ھدايت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو آھي تہ واقعي جي عدالتي جانچ ڪرائي وڃي انصاف ڪيو وڃي ۽ ھندن جي جان مال کي تحفظ ڏنو وڃي

وڌيڪ پڙھو

سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا قتل

سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا قتل

سکر ۾ باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ڪشمير جتوئي …