گھوٽڪي اين اي 205 تي اڄ دنگل ٿيندو. سيڪورٽي جا انتظامہ سخت ڪيا ويا آھن

گھوٽڪي اين اي 205 تي اڄ دنگل ٿيندو. سيڪورٽي جا انتظامہ سخت ڪيا ويا آھن

اليڪشن ڪميشن حليم عادل شيخ، دعا ڀٽو ۽ علي نواز مھر کي پولنگ تائين تڪ ۾ داخل نہ ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اين اي 205 گهوٽڪي تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل سيڪيورٽي جي غيرمعمولي انتظامن هيٺ جاري آهي. وفاقي وزير علي محمد مهر جي لاڏاڻي تي خالي ٿيل سيٽ اين اي 205 گهوٽڪي تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي. چونڊن تي پيپلز پارٽي جي اُميدوار محمد بخش مهر ۽ جي ڊي اي توڙي پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اُميدوار احمد علي مهر ميدان تي لٿل آهن. صبح 8 وڳي شروع ٿيل پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. ننڍي چونڊ لاءِ 290 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون، جتي سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا آهن. 125 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 165 حساس قرار ڏنو ويو. ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪندا 3200 پوليس اهلڪار ۽ پاڪ فوج جا هڪ هزار 14 جوان ۽ رينجرز جا 900 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. اين اي 205 تي رجسٽرڊ ووٽرز جو مجموعي انگ 3 لک 60 هزار 875 آهي، جِن مان 2 لک 4 هزار 891 مرد ۽ هڪ لک 58 هزار 835 عورت ووٽرز رجسٽرڊ آهن.

وڌيڪ پڙھو

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

حيدرآباد (پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر …