گھوٽڪي اليڪشن ڪميشن پولنگ ختم ٿيڻ تائين حليم عادل شيخ ،دعا ڀٽو ۽ علي نواز مھر کي تڪ نيڪالي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

 اليڪشن ڪميشن ايس ايس پي گهوٽڪي کي پولنگ ختم ٿيڻ تائين حليم عادل شيخ، دعا ڀٽو ۽ علي نواز مهر کي تڪ نيڪالي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ريجنل اليڪشن ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ ڊي آر او گهوٽڪي طرفان هڪ ليٽر ذريعي ايس ايس پي گهوٽڪي هڪ ليٽر ذريعي حڪم ڏنو آهي ته اين اي 205 گهوٽڪي تي پولنگ دوران پهتل پي ٽي آءِ اڳواڻن کي فوري طور ضلعي مان نيڪالي ڏني وڃي. ليٽر ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ، دعا ڀٽو ۽ علي نواز مهر کي ضلعي مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ جيستائين پولنگ جو عمل جاري رهي، تيستائين اُنهن کي تڪ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي. خط ۾ لکيو ويو ته اليڪشن ڪميشن طرفان جوڙيل مانيٽرنگ ٽيم رپورٽ ڪيو آهي ته ڄاڻايل پي ٽي آءِ جا چونڊيل نمائندا ووٽنگ جي عمل دوران به پولنگ اسٽيشنز ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هو ڪار ريليز به ڪڍن پيا، جنهن ڪري ووٽرز کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. خط ۾ايس ايس پي گهوٽڪي کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اِن ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سينيٽر سوڌو ڪوبه چونڊيل نمائندو پولنگ دوران تڪ 205 جي حدن ۾ داخل نه ٿئي.

وڌيڪ پڙھو

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

حيدرآباد (پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر …