گڏيل قومن ڀارت کي ڪورونا بحران دوران ملڪ ۾اظهار جي آزادي دٻائڻ جو ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو،

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) گڏيل قومن ڀارت کي ڪورونا بحران دوران ملڪ ۾اظهار جي آزادي دٻائڻ جو ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو، انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ڪيترن ئي صحافين ۽ هڪ ڊاڪٽر کي ان ڏوهه ۾ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي ته هنن ڪورونا وائرس بابت حڪومتي حڪمت عملي تي تنقيد ڪئي، گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪميشن چين، ڀارت بنگلاديش ۽ ٻين ايشيائي ملڪن کي چيو آهي ته هو ڪورونا بحران جو بهانو بڻائي اظهار جي آزادي دٻائڻ ۽ سينسرشپ تي گرفت مضبوط ڪرڻ کان پاسو ڪن.

وڌيڪ پڙھو

غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري، شھيد فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو

ڪراچي: اسرائيل جا غزه تي ٻئي ڏينهن به فضائي حملا جاري، 6 ٻارڙن سميت شهيد …