گهوٽڪي ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف ڄام عبدالفتاح سميجو اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي جو احتجاج

گهوٽڪي ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف ڄام عبدالفتاح سميجو اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي جو احتجاج

گهوٽڪي(پريس ريليز) ڀاڻ جي ھٿراڌو کوٽ خلاف ايس ٽي پي ضلعي گھوٽڪي پاران پارٽي جي سينئروائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو جي اڳواڻي ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو جنھن ۾ سوين ڪارڪنن ۽ آبادگارن شريڪ ٿي سخت نعريبازي ڪري احتجاج ريڪارڊ ڪرايو، آفيس گيٽ تي لڳل ڌرڻي ۾ اي ڊي سي ٽو دريا خان چانڊيو پھچي ايس ٽي پي اڳواڻن کي ڊي سي سان ڳالھين لاء چيو جنھن بعد ڄام عبدالفتاح سميجو جي اڳواڻي ۾ ست رڪني ڪاميٽي ڊي سي گھوٽڪي سان ڳالھيون ڪيون ۽ پنھنجا مطالبا رکيا، جن کي جائز قرار ڏيندي ڊي سي گھوٽڪي يقين ڏياريو تہ ھو ايندڙ سومر تي ڀاڻ ڊيلرن ۽ فيڪٽري جي نمائندن کي گھرائي کين سرڪاري اگھ تي ڀاڻ وڪري جو پابند بڻائيندو عمل نہ ٿيڻ جي صورت ۾ مٿن سختي ڪئي ويندي، ھن اھو بہ يقين ڏياريو تہ ضلعي جي ڪوٽا ۾ پڻ واڌ ڪرائي ويندي تہ جئين ضلعي گھوٽڪي جي آبادگارن جي ضرورتن جو پوراء آساني سان ٿي سگھي، کاڌ جي ٻاھر سمگلنگ بابت اٿاريل سوال تي ھن ضلعي جي داخلي رستن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي جتي بغير اجازت نامي جي کاڌ ٻاھر وڃڻ کي روڪيو ويندو. ان موقعي تي ڳالھائيندي ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام فتاح سميجو چيو تہ اسين ڊي سي گھوٽڪي جي ڏنل خاطري کي قدر جي نگاہ سان ڏسندي مان ڏيون ٿا ۽ فلحال ڌرڻو ختم ڪيون ٿا. پر جيڪڏھن مٿين ڳالھين تي عمل نہ ٿيو تہ 7 ڊسمبر تي اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جي گيٽ آڏو ڏرڻو ھنيو ويندو.
ان کان پھريان ڌرڻي کي ڄام عبدالفتاح سميجو، زاھد ميراڻي، غلام مصطفي نائچ، ڪامريڊ مير شر، علينواز جلباڻي، ڄام معشوق سميجو، نجم ڀنگر، مزدور اڳوان رانجھن سميجو ۽ ٻين خطاب ڪيو.
نجم ڀنگر،
ڪوارڊينشن سيڪريٽري ايس ٽي پي ضلعو گھوٽڪي.

ھي بہ پڙھو

ملڪ اڃا تائين سياسي توڙي معاشي بحران مان نڪري ناهي سگهيو. ڊاڪٽر قادر مگسي

ملڪ اڃا تائين سياسي توڙي معاشي بحران مان نڪري ناهي سگهيو. ڊاڪٽر قادر مگسي

حيدرآباد ( پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي …