گهوٽڪي جو نوجوان سيڪورٽي گارڊ جي ڊيوٽي ڪندڙ ليڪچرار جي امتحان پهرين نمبر تي پاس

گھوٽڪي جو نوجوان جنھن يونيورسٽيءَ ۾ رات جو گارڊ جي نوڪري ڪندو ھيو ان ساڳي مھراڻ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر شپ جي ٽيسٽ ۾ پھرين پوزيشن کڻي اڄ جوائننگ ڪيائين.

منزلون محنتن آڏو پاڻ جھڪنديون آھن. گھوٽڪي جي نوجوان علي رضا کوسو مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر شپ جي ٽيسٽ ۾ پھرين پوزيشن کڻي پاڻ سنڌ جي غريب نوجوانن کي پيغام ڏنو آھي تہ منزلون محنتي نوجوانن جي قدمن آڏو پاڻ جھڪنديون آھن. علي رضا کوسو جنھن يونيورسٽيءَ ۾ اڄ ليڪچرارشپ لاءِ جوائنگ ڪئي آھي ساڳي يونيورسٽي جي ٽيليفون ايڪسچينج ۾ رات جو چوڪيداري پڻ ڪندو ھيو ۽ ڏينھن جو پڙھڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ جا ڪلاس پڻ وٺندو ھيو. گھوٽڪي جي ھن غريب نوجوان جي خاندان ۾ ڪو بہ پڙھيل ناھين پر نہ رڳو علي رضا کوسو پاڻ محنت ڪري مڃرايو آھي اتي ڳوٺ جا ڪيترائي نوجوان يونيورسٽي وٺي ويو آھي جتي ھوءَ تعليم سان گڏوگڏ محنت پڻ ڪري رھيا آھن. علي رضا کوسو رضاڪارانا طور بہ غريبن کي مفت ٽيوشن ڏيندو آھي ايستائين پنھنجي جيب مان شاگردن توڙي شاگردياڻين جي مدد پڻ ڪندو آھي. علي رضا کوسو سچ تہ تون سنڌ جي نوجوانن لاءِ ھڪ پيغام آھين.

وڌيڪ پڙھو

عمران خان وٽ  ھاڻي ڪو اخلاقي جواز ناھي تہ ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي -ڊاڪٽرقادرمگسي

عمران خان وٽ ھاڻي ڪو اخلاقي جواز ناھي تہ ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي -ڊاڪٽرقادرمگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي  چيو  آھي تہ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل …