گهارو عدالت ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيندڙ اي ايس آئي دوست محمد لغاري جي ڀاءُ پاران انصاف جي گهر

اي ايس آئي دوست محمد لغاري جنهن کي28 آگسٽ تي سول ڪورٽ گهارو ۾ دل جو دورو پيو ۽ ايمبولينس ذريعي ڪراچي ويندي فوت ٿي ويو سندس وڏو ڀاء دوست محمد لغاري گذريل ڏينهن گهارو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڀاءُ جنهن جي 28 آگسٽ تي ڊيوٽي مراداڻي چوڪي تي هئي جنهن 20 آگسٽ تي ريٽائرڊمنٽ لاء درخواست پڻ ڏني هئي 28 آگسٽ تي صبح سويرڪنهن ڪيس جي گواهي لاء سول ڪورٽ گهارو پهتو جتي سندس طبيعت صحيح نه هئي بيهي نه پئي سگهيو ته جج صاحب کي درخواست ڪئي ته سائين طبيعت خراب آھي بيهي نه پيو سگهان اوهان ايويڊنس وٺو يا ٻي تاريخ ڏيو مونکي جلد فارغ ڪيو ان بعد سندس ڀاء موجب اي ايس آئي دوست محمد لغاري کي معزز جج صاحب ڌڙڪا ڏنا ۽ خراب رويو اختيار ڪيو جنهن سبب سندس ڀاء اتي ئي ڪري پيو کيس دل جو دورو پيو ۽ پيپلز ايمبولينس ذريعي گهارو رورل هيلٿ سينٽر کان ڪراچي روانو ڪيو ويو جتي سسئي ٽول پلازه وٽ فوت ٿي ويو اها درد ڪٿا ٻڌائيندي سندس ڀاء روئي پيو ۽ وس وارن کان اپيل ڪئي آھي ته ان واقعي جي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي وڃي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

وڌيڪ پڙھو

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم جنيد بکراڻي کي ايس ايس پي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *