اسان وٽ روايتي بيوروڪريسي ۾ داخل ٿيڻ لا۽ ٻہ رستا آھن پهريون طريقو اعلئ ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ بعد اوهان کي پوليس ٖ ڊسٽرڪٽ مينيجمنٽ گروپ ٖ ڪسٽم ٖ فارين سروس وغيره جو گروپ ملي ٿو ۽ پو۽ اوهان ترقي ڪندا ايس پي ٖ ڊي سي کان ٿيندا ڪمشنر ٖ سيڪريٽري ۽ وفاقي سيڪريٽري تائين پهچي وڃو ٿا ٖ بيورو ڪريسي ۾ داخل ٿيڻ جو ٻيو دڳ رشوت ۽ سفارش آھي اسان وٽ انگريزن جي رائج ڪالونائيز نظام ۾ ضلعن جا انتظامي نظام ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس پيز حوالي رهيا ۽ اهڙي طرح هو سموري نظام جي اڇي ڪاري جا مالڪ رهيا سندن داٻي جا خلق تي داستان قلم بند ٿيندا هئا انهن ۾ ڪي ناليوارا آفيسر بہ پيدا ٿيا جن کي اڄ ڏينهن تائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ٿو وڃي ۽ ڪن وري سياستدانن سان ڳٺ جوڙ ڪري ديس ۽ عوام جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آھي چوڻ جو مطلب اسان جي سماج ۾ روايتي ڊي سي ۽ ايس پي آفيسر داٻي ٖ روب ۽ دٻدٻي جو ٻيو نالو رهيا آھن ٖ اسسٽنٽ ڪمشنر حازم ڀنگوار آمريڪا کي ڇڏي پاڪستان آيو ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر بڻيو پر هو اڃا هن ملڪ جي روايتي بيوروڪريسي جو حصو بڻجي نہ سگهيو آھي
حازم بنگوار ڪنڌڪوٽ واسي سنڌ پوليس جي رٽائرڊ ڊي آ۽ جي اڪبر ڀنگوار جو فرزند آھي ٖ حازم ڀنگوار 30 ڊسمبر 1993ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. سندس امڙ فيروز اڪبر جو تعلق عراق سان آهي ۽ ھو هڪ آرڪيٽيڪٽ انجنيئر آھي ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿي حازم ڀنگوار بہ آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ پليو وڏو ٿيو ۽ بنيادي تعليم آمريڪا ۾ پرايائين ان بعد فيشن ٖ ڊيزائن ٖ ماڊلنگ ٖ سنگنگ ۽ مارڪيٽنگ ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد لنڊن مان قانون جي ايل ايل بي ڊگري ورتائين کيس لکڻ پڙھڻ سان گڏ ڳائڻ جو شوق بہ آهي ٖ هو جيسي جي ، جويلز ٖ ٽي پين ٖ جيسن ڊيرولو ٖ پٽيبل ۽ نڪي ميناج جهڙن فنڪارن لاءِ گيت لکڻ شروع ڪيا ٖ حازم ڀنگوار نومبر 2019ع ۾ پنهنجو پهريون البم ”حرام“ رليز ڪيو جيڪو هڪ هفتي اندر ڏکڻ ڪوريا ٖ هنگري ٖ مصر ۽ هندستان ۾ پهرين نمبر تي پهچي ويو.
اسٽنٽ ڪمشنر حازم ڀنگوار جي ڪيتري عرصي کان ڪراچي ۾ پوسٽنگ آھي پر جڏھن کان حازم ڀنگوار حد دخلين ۽ لينڊ گريبرنگ خلاف ڪاروايون شروع ڪيون آھن تڏھن کان هن جي ذاتي پيج تان سندس تصويرون کڻي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون آهن ڄڻ حازم ڀنگوار موٽر وي منصوبن جا اربين روپيا غبن ڪيا هجن ڪاش حازم ڀنگوار روايتي بيورو ڪريٽ بڻجي ها تہ اڄ دبنگ آفيسرن ۾ سندس نالو هجي ها
(ذوالفقار قادري جي وال تان )