ڪچي ۾ آپريشن بند. پوليس جون ڌاڙيلن ۽سردارن سان ڳالهيون فنڪار جگر جلال کي بازياب ڪرائڻ جون ڪوششون

ڪچي ۾ آپريشن بند. پوليس جون ڌاڙيلن ۽سردارن سان ڳالهيون فنڪار جگر جلال کي بازياب ڪرائڻ جون ڪوششون

اي آءِ جي سکر جگر جلال سوڌو 5 مغوين جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن ۽ سردارن سان ڳالهين جي تصديق ڪندي چيو آهي ته امڪان آهي ته اڄ رات ئي مغوي بازياب ٿي وڃن، جيڪڏهن ڌاڙيل پنهنجي واعدي تي پورا نه لٿا ته ساڻن گڏ سردارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.
جگر جلال ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ آپريشن دوران شهيد ٿيل ڊي ايس پي رائو شفيع الله جي جنازي نماز سکر پوليس هيڊڪوارٽر ۾ اداڪئي وئي، جنهن ۾ اي آءِ جي سکر جميل احمد، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ۽ ٻين پوليس آفيسرز سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد شهيد ڊي ايس پي جو مڙهه نئون ڳوٺ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
جگر جلال جي اڄ بازيابي جا امڪان
جنازي نماز ۾ شرڪت ۽ شهيد ڊي ايس پي جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اي آءِ جي سکر ڊاڪٽر جميل احمد تصديق ڪئي ته ڌاڙيلن ۽ سردارن سان سندن ڳالهيون هلندڙ آهي، تنهن ڪري في الحال آپريشن بند ڪيو ويو آهي. ڌاڙيلن پنهنجي واعدي پٽاندڙ جگر جلال سوڌو 5 مغوين کي آزاد نه ڪيو ته ڪارروائي ڪئي ويندي. اي آءِ جي سکر چيو ته امڪان اهي ته اڄ ئي جگر جلال سوڌو ٻيا مغوي بازياب ٿي وڃن، پر جيڪڏهن مغوي آزاد نه ٿيا ته ڌاڙيلن سوڌو سردارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙھو

Panel Software — What You Should Seek out in a Table Software Package

Whether you are a small company or perhaps an venture, board program can be a …