ڪينجهر حادثو ۽ ذميوار ڪير



اتفاق ڪنهن کان پڇي ٿوروئي ايندا آهن,
پر ايندا آهن هر روز,هزارين ماڻھو,سوين فيمليون,
سير تفريح لا۽ ڪينجهر ڍنڊ گهمڻ,,,
هاڻي ماڻهو واندا آهن,جو ڀڳا اچن ڪينجهر گهمڻ,
يا حڪومت سنڌ وٽ مفت جو مال وڌيڪ ٿي ويو آهي
جو عوامي خزاني مان لکين روپيه ماهانه پگهارون جاري ڪري عوام جا پئسه,عوام جي جانين جي دشمن عملي تي خرچ ڪري,لاڏلن جي راحت تي خرچ ڪري,اسڪور آف ڪيوزلٽي ڳڻائڻ تي پئي خرچ ڪري,
سياحت پوري دنيا ۾ هوندي آهي,صرف ٺٽي م ته ناهي هوندي,مري ويل هڪ ئي خاندان جي ڏھ ڀاتين جي گهر جو
محلي جو,علائقي جو ڇا منظر هوندو,
ڇا اهو سڀ ڪجھ اتفاق جي زمري ۾ آڻي,الله جي رضا سمجهي,پنهنجي ڪاٽن جي وڳي کي آيل داغ ڪنهن ٺٽي جي بازار ۾ ويٺل ڌوٻي کان واش ڪرائي,
ٻيهر ڪلين واش وڳو پهري,وڌيڪ اتفاقي حادثي لا۽ ميدان هموار ڪري,ٻيڙائتن کي بنا ڪنهن لائف جيڪٽ,گنجائش کان وڌيڪ سواري ڀرڻ,موسمي حالاتن,تيز هوائن,ڇولين ۾ چڙاو,برسات,جي پرواھ ڪرڻ بغير ماڻهن کي,سياحن کي فيملي سودو ملاحن جي ڪشتين ۾ رڍن,ٻڪرين جيئان ڀرتي ڪري ,يڪ نعره حيدري,,,
پو۽ نتيجو سامهون آهي,
ڀلا ڪينجهر ۾ هي پنهنجي نوعيت جو پهريون واقعو هجي ته اتفاق چئجي,,
ٺيڪ آهي اسان اتفاق ٿا مڃون,
پر دنيا جا سڌريل ماڻهو ان کي سو فيصد غفلت,لاپرواهي,
انتظاميه جي بي رحمي,وحشيانه درندگي چوندا
ڪينجهر جي سياحت جي انتظام سنڀالڻ م ڪهڙا هٿ ملوث آهن,اهي سياحن کي ڪشتين ۾ کڻڻ واري لنگهن کي مخصوص ڪري انهن جي مانيٽر ڪرڻ لا۽ CCTV ڪيمرائون نصب ڪري,ڪشتي ۾ پسينجرز جو تعداد,
هرهڪ کي لائف جيڪٽ ڏي,
ڪشتي هلائڻ وارن لا۽,رفتار,جو تعين ڪري,
ايمرجنسي لا۽ خدانخواست اهڙو واقعو پيش اچي,بروقت معقول انتظام پهرين کان موجود هجن,
لائف جيڪٽن ۾ ترندڙ ماڻهو فورن ريسڪيو ڪيا وڃن,
ڄڻايل شين مان ڪوبه انتظام نه آهي,
سڄو جنهگلستان لڳو پيو آهي,حادثا معمول بنيل آهن,
مقرر لاٺڙيا سياحن جي رقم کي وڌ کان وڌ جائز ۽ ناجائز طريقن سان ڦرڻ ۾ مگن رهندا آهن,
ڪير ٻڏي,ڪير مري انهن سان ڀلا انهن جو ڪهڙو واسطو
ڪير چوندن سچ ۽ حق ته,رات جو تارا هرڪو ڏيکاري,
سائين منهنجا ڪينجهر جي ڪنڌي تي,هي ڏينهن جو تارا ڏيکاريو ڇڏين,هرڪو ماڻهو عزتدار هوندو آهي,
ڪوهڙيا ڇڏيو ڪکن ۾,
ميڊيا ھڪ ٻه ڏينهن شور مچائيندي,ڪينجهر ٿاڻي کي پوليس لائين حاضر مان هڪ هفتي لا۽ وڌيڪ نفري ملندي
وڏن جي ڪينجهر ڪنارن لٺ پئي ڦرندي,
واھ ٺٽو انتظاميه,,
ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي نه هجي,
آفيسر رينڪ جي انتظاميه کي ڪينجهر جي وڏي مڇين,پکين سان تواضح ٿيندي,هڪڙي گڏيل پريس ڪانفرس ٿيندي,حادثي جا اسباب اتفاقي ,يا مشين جو ٽيڪنيڪل فالٽ ڄاڻائي معاملو لئي مٽي ڪري,سفيد ڪاٽن پوش ڪينجهر انتظاميه جي آفيسر کي,لڳل داغ ميٽائڻ لا۽
سڀ ڪارگر طريقا استعمال ڪبا,
ان غلطين تي پردي وجهڻ کان پهريان اچو ته خود پاڻ ٻڏي مرون,ماڻھن,ويچارن سياحن جا ڪيترا گهر اجاڙيندا رهنداسون,الله سائين عقل صرف انسان کي ڏنو آهي,
آخر اسان انسان ڪڏهن بنجنداسون,جيڪي ٻڏي مري ويل انهن ڏھ کان ٻارنهن ماڻهن جو ڪيس ڪنهن تي لکنداسون
اها ذميواري ڪهڙو مجاز آفيسر پاڻ جي سر تي کڻندو,
ڪينجهر جي سياحتي مرڪز ۾ ڪيترا ملازم پگهار دار آهن
هو عوام جي مال مان ڪهڙي بنياد تي هر مهيني وڏي پابندي سان پگهارون وصول ڪندي خود ڪاٽن پائي,سياحن کي مست الست ڇولين حوالي ڪري,سندن سرد جسمن کي مقامي ٽوٻن کان ڪڍرائي,ميري چادر م لپيٽي ماڳن طرف روانه ڪندا آهن,تمام حادثن کي رب جي رضا سمجهي پاڻ کي وڏو معتبر سمجهي وڌيڪ وڏي حادثي جو انتظار ڪندا آهيون,ٻيلي ڏاها ٿيو خدا جو خوف ڪريو,اوهان به ٻچن وارا آهيو,صفا ائين به ڪونهي,,
متاثر خاندان جي معصوم ٻچن جي لاشن انهن جي مائرن جي ڀاڪرن کان ڇني ڌار ڪيل لاشن,تي اسان جي دل ڇيهون ڇيهون ٿي ويئي آهي,سنڌ سرڪار جي سياحتي منسٽر کي گهرجي ته تمام پگهار دار عملي کي گلن جي پتين جا ڪيئي ٽرڪون ڀرائي سندن مان ۾ آجياڻو ڏي,,

وڌيڪ پڙھو

سرداري پڳ جو سياسي سفر

سرداري پڳ جو سياسي سفر

تاريخ جا پيرا کڻون ٿا ته انگريز راڄ جو اهم ڪارندو رابرٽ سنڊيمن 1876ع ۾ …