ڪوڙي ۽ مفروضن تي ٻڌل وڊيو ڏيکاري وئي آھي -احتساب عدالت جو جج ارشد ملڪ

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج مريم نواز جي پريس ڪانفرنس دوران ڏيکاريل وڊيو کي ڪوڙي ۽ مفروضن تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته فيصلن کي تڪراري بڻائڻ ۽ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ وڊيو ظاهر ڪئي وئي، ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پريس ڪانفرنس جي ردعمل ۾ پريس رليز جاري ڪئي آهي. پريس رليز ۾ جج ارشد ملڪ چيو ته هُن مريم نواز جي پريس ڪانفرنس ۽ ساڻس منصوبو وڊيو کي ڏٺو آهي، اُن پريس ڪانفرنس ذريعي سنگين الزام لڳائي سندس ذات، اداري ۽ خاندان جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. تنهن ڪري اُن حوالي سان حقيقتون منظرعام تي آڻڻ گهران ٿو. جج ارشد ملڪ چيو ته هو راولپنڊي جو رهواسي آهي ۽ وڊيو ۾ ڏيکاريل ناصر بٽ به ساڳئي شهر جو آهي، جنهن سان منهنجو پُراڻو واسطو رهيو آهي. ناصر بٽ ۽ سندس ڀاءُ عرصي کان مون سان ملندا رهيا آهن.
اسلام آباد احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ چيو ته مريم صفدر جي پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاريل وڊيو نه رڳو حقيقتن جي اُبتڙ آهي، وڊيو ذريعي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي مڪروهه ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته مريم نواز جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ضروري آهي ته سچ کي منظرعام تي آڻيان. نواز شريف خلاف ڪيسز جي ٻڌڻين دوران مون کي سندن نمائندن طرفان هر هر رشوت جون آڇون ڪيون ويون، بلڪه سهڪار نه ڪرڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون. جج ارشد ملڪ جو چوڻ آهي ته هُن آڇن ۽ ڌمڪين کي سختي سان رد ڪندي حق تي قائم رهڻ جو عزم ڪيو ۽ پنهنجي جان کي الله جي حوالي ڪيو. جيڪڏهن آئون دٻاءُ يا لالچ ۾ اچي فيصلو ٻڌايان ها ته هڪ ڪيس ۾ بري ۽ ٻئي ۾ سزا ڇو ڏيان ها.
پريس رليز ۾ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ چيو ته آئون واضح ڪرڻ گهران ٿو ته مون تي سڌي يا اڻسڌي ريت ڪوبه دٻاءُ نه هو، مون قانون ۽ شاهدين جي بنياد تي ڪيس جا فيصلا ڏنا. منهنجي فيصلن کي تڪراري بڻائڻ ۽ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ مريم نواز جي پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاريل وڊيو ڪوڙي ۽ مفروضن تي ٻڌل آهي. تنهن ڪري اُن ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ پڙھو

Custom ‎informative Essay Writing Service

That function is expressly reserved for persuasive essays. Now you can wrap up all your …