ڪوڙن ڊوميسائيلن جي رپورٽ وزير اعلي جي حوالي، چئن ضلعن مان ڪميٽي کي 200 ڊوميسائيل ڪوڙا هجڻ جي رپورٽ پيش

جعلي ڊوميسائل بابت جاچ رپورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه حوالي ڪئي وئي. جاچ دوران چئن ضلعن ۾ 200 کان وڌيڪ جعلي ڊوميسائل جاچ ڪيمٽي جعلي ڊوميسائيل ٺاهيندڙ ڊپٽي ڪمشنرن خلاف ڪاروائي جي سفارش ڪئي وئي. ڪميٽي پاران پي آر سي قانون کي سخت ڪرڻ جي سفارش ڪري گذريل 10 سالن ۾ ٺهندڙ جعلي ڊوميسائيل خلاف ڪمشنرن کي جاچ ڪرڻ جي به سفارش ڪئي. جاچ رپورٽ ۾ جعلي ڊوميسائيلن ذريعي نوڪريون وٺندڙن کي برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. ذريعن موجب جعلي ڊوميسائلز ۾ سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ داخلائون وٺندڙ ٻين صوبن جي شاگردن جون داخلائون به رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. جعلي ڊوميسائيلن واري اسڪينڊل بعد سنڌ سرڪار پاران 27 مئي تي بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر قاضي شاهد پرويز جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي هئي. جاچ ٽيم ڪشمور، ڄامشورو، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻو ضلعن ۾ ڪوڙا ڊوميسائيل ٺاهڻ جي شڪايت تي جاچ ڪئي. جاچ ڪاميٽي 8 ڏينهن بعد رپورٽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حوالي ڪري ڇڏي

وڌيڪ پڙھو

ثقافتي ڏينھن جوش جذبي سان ملھايو ويو. مختلف شھرن ۾ ريليون تقريبون

ثقافتي ڏينھن جوش جذبي سان ملھايو ويو. مختلف شھرن ۾ ريليون تقريبون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين طرفان ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور جوش …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *