ڪووڊ -19 لاڪ ڊائون سبب سڄي دنيا ۾ آن لائين تعليم جي اهميت ۾ واڌ

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران ان ڏس ۾ پنهنجي تمام سهائتا ڪيل اسڪولن لاءِ آن لائين تعليم جي شروعات ڪري ڇڏي

هن سال جي ابتداع ۾ ڪووڊ -19 جي پکڙجڻ جي سبب سموري دنيا ۾ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا ته جيئن هي وبا وڌيڪ نه پکڙجي. انهي سبب پاڪستان ۾ شاگردن جي حفاظتي نقطه نگاهه کي سامهون رکندي تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو، جنهن سبب هاڻوڪي حالتن ۾ آن لائين تعليم کي هٿ ملي. جنهن سبب پراڻو تدريسي نظام ۾ تبديلي آئي ۽ جديد ٽڪنالوجي ذريعي پاڪستان ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ آن لائين تعليم کي جديد طرز تي آندو ويو.

سموري دنيا جيان پاڪستان پڻ آن لائين تعليم طرف وڌيو ۽ ان کي تمام صوبن ۾ متعارف ڪرايو ويو. ان حوالي سان سنڌ ۾ سرڪاري ادارن ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هيٺ نجي تعليمي ادارن ۾ آن لائين ڪلاسز جي آغاز ۾ سڀني کان اڳ ڀرو رهيو ۽ ان جو سمورو ڪريڊٽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ڏي وڃي ٿو، جنهن بنا وقت ضايع ڪرڻ جي مائيڪروسافٽ ڪمپني کان اپليڪيشن حاصل ڪري ان جي تربيت لاءِ اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن کي شامل ڪيو ويو. ڪرونا وبا جي ڪري پيدا ٿيل صورتحال معاشي ۽ سمجاجي خطرو بڻجي پوري دنيا کي مڪمل طور تي پنهنجي زير اثر ڪري ڇڏيو. سماجي رابطن ۾ دوري کي يقيني بنائڻ لاءِ ورتل ڪوششون عوام جي تحفظ لاءِ ته ضروري آهن پر انهن سان معيشت ۽ معمولات زندگي کانپوءِ سڀ کان گهڻو شاگردن جو تعليمي سال متاثر ٿي رهيو هو، اهڙي صورتحال ۾ شاگردن کي جيڪا سهولت گهربل هئي سا سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پنهنجي سهائتا ڪيل اسڪولن جي استادن ۽ ٻارن کي فراهم ڪئي. ٻارن کي ان خوف واري ماحول کان پري ڪرڻ لاءِ ۽ انهن کي پنهنجي ڪتابن سان جڙيل رهڻ لاءِ فائونڊيشن آن لائين ڪلاسز جو آغاز ڪيو. صوبي جي ننڍن شهرن ۽ ڏورانهن علائقن جي شاگردن جي هڪ وڏي تعداد ان سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ پئي چاهيو جيڪو ايترو آسان ۽ ممڪن نه هو پر ان هوندي به تمام ٻارن کي ان فريم ورڪ ۾ آڻڻ به ضروري هو. پهرين مرحلي ۾ اسڪول پارٽنرز کي موبلائيز ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ پهرين درجي کان ميٽرڪ تائين جي نصاب مطابق هوم ورڪ ترتيب ڏنو ويو ۽ ان کي ٻن فيزز ۾ ورهائي ٻارن تائين پهچايو ويو ۽ اهو ساڳيو هوم ورڪ فائونڊيشن جي ويب سائيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ رکيو ويو، جنهن کي اسڪول آپريٽرز پاران ڊائون لوڊ ڪري ٻارن تائين پهچائڻ شروع ڪيو. ٻئي طرف استادن ۽ شاگردن جي مائڪروسافٽ ٽيم ساليوشن جي آئيڊيز تيار ڪرڻ شروع ڪئي وئي ۽ انهن سان آن لائين رابطه شروع ڪيا ويا. فائونڊيشن جي ٽريننگ ۽ اسسمينٽ شعبي سان گڏ گڏ انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ تمام ريجن جي ٽيمن پاران تمام گهڻي ڪوششون وٺندي ان ناممڪن سرگرمين کي عملي شڪل ڏئي هڪ نيون باب رقم ڪيو. آن لائين ڪلاسز جو مربوط نظام نه هجڻ ڪري انٽرنيٽ تي پهرين کان موجود وسيلن جن ۾ گوگل پلس، گوگل ڪلاس روم، زووم، يوٽيوب سميت سوشل ميڊيا اپليڪيشنز جو سهارو ورتو ويو پر مائڪرو سافٽ ساليوشن مائڪروسافٽ ٽيم پاران اهو مسئلو به حل ڪري ڏنو، جنهن پليٽ فارم تان انهن استادن جي تربيت ڪئي وئي ۽ ٻارن کي انگيج ڪيو ويو.
آن لائين ڪلاسز جي شروع ٿيڻ بعد صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ شاگردن جن کي انٽرنيٽ سروس جي سهولت نه هجڻ ۽ بجلي جي لوڊشنگ جي شڪايت ڪندي نظر اچي رهيا آهن. انهن جي تدارڪ لاءِ فائونڊيشن پاران پارٽنر جي گڏيل ڪوششن سان سولر پينل ۽ انٽرنيٽ ڊوائيسز کي اسڪولن ۾ نصب ڪرايو ويو. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڪافي اسڪولن ۾ آن لائين ڪلاسز جو باقاعده آغاز مارچ 2020 ٿي چڪو هو پر شاگردن کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ مشڪلات کي منهن ڏيئڻو پيو مگر ٽيم ۽ پارٽنر جي همت ۽ يقين ان مسئلي کي ايس او پيز کي دائره ڪار ۾ رکندي مسئلي کي حل ڪيو ويو. يعني هوم ورڪ هر شاگرد جي گهر پهچايو ويو. شروع ۾ ڪافي اسڪولن جي شاگردن کي فقط سوالن کي حل ڪرڻ ۽ گهر ۾ هوم ورڪ ڪرڻ لاءِ ڏنو پر اسڪول لائبريري بند ٿيڻ ۽ استادن جي تدريسي سرگرمين جي نه هجڻ سبب شاگردن کي حوالو (رفرينس) بابت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. آن لائين ڪلاسز جي مطلب کان ته استاد ئي ناواقف هئا، انهن کي به تربيت ڏيڻ جي ضرورت هئي جنهن کي پڻ فائونڊيشن پاران يقيني بڻايو ويو استادن کي آن لائين تربيت ڏني وئي. والدين کي مضمونن جي سبقن جي تياري بابت معلومات فراهم ڪرڻ سميت ۽ ٻئي کوڙ سارا تعليمي مواد ۽ معلومات فراهم ڪرڻ کي ڪافي تعليمي ادارا پاڻ کي آن لائين ڪلاسز جي ذميواري کي پورو ڪرڻ سمجهن پيا، جڏهن ته آن لائين ڪلاسز جي حوالي سان شاگردن کي سڌو سنئون تعليمي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ اصل مقصد آهي، ان سلسلي ۾ فائونڊيشن ان کي آسان بڻائي پيش ڪيو. استادن جي تربيت کان وٺي ٻارن کي متحرڪ رکڻ تائين جو سفر کي مثبت انداز ۾ جاري رکيو ويو آهي.

هيل تائين فائونڊيشن جي شاگردن لاءِ آن لائين ڪائونسلنگ جاري آهي ان حوالي سان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مئنجنگ ڊائريڪٽر عبدالڪبير قاضي چيو ته ڪووڊ -19 لاڪ ڊائون سبب آن لائين تعليم وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي جنهن لاءِ قدم کنيا ويا آهن ۽ ان حوالي سان سنڌ حڪومت آن لائين تعليمي سسٽم ڪافي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن عملي طور تي قدم کنيا آهن، جڏهن نجي تعليمي ادارا به ڪورونا وائيرس سبب بندش جي صورتحال کان پريشان آهن ان صورت حال ۾ آن لائين تدريسي عمل جي باري ۾ ناواقفيت سبب تعليمي عمل کي جاري نه رکي سگهيا. اڪثريت کي ته اها به خبر ناهي ته هنگامي صورتحال ۾ مضمونن کي ڪنهن طريقي سان ورهايو وڃي يا فاصلاتي تعليم جا ڪهڙي مرحلا ٿي سگهن ٿا، غير تربيت يافته استادن کي تربيت ڏيڻ لاءِ آن لائين ساليوشن، وقت ۽ پيسه گهربل هوندا آهن، پر انهن تمام پاسن جو جائزو وٺڻ بعد فائونڊيشن، مائڪروسافٽ سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ ٻارن تائين تعليم جي رسائي جو ذميو کنيو ۽ ان کي عملي طور تي ڪري ڏيکاريو ان سرگرمي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻارن کي فائدو حاصل ٿيو ۽ 15 هزار استادن کي تربيت ڏني وئي ۽ تقريبا 3 لک شاگردن کي هوم ورڪ ۽ ورڪ شيٽ ذريعي تعليمي عمل ۾ مصروف رکيو ويو.

هاڻوڪي حالاتن جي پيش نظر فائونڊيشن جي شاگردن ۽ استادن لاءِ هي پليٽ فارم بهترين ۽ ڪافي آهي هتي سموريون سهولتون موجود آهن جيڪي انهن کي تدريسي عمل لاءِ گهربل آهن. فائونڊيشن جو لرننگ سپورٽ يونٽ، ريجن ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسز پاران مسلسل شاگردن ۽ استادن سان رابطي ۾ آهن ته جيئن ان کي پيش ايندڙ مشڪلاتن کي حل ڪجي ۽ ڪورسز متعلق مواد آن لائين تي مهيا ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …