ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس: ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد جاري رکڻ جي هدايت

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس: ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد جاري رکڻ جي هدايت

ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس دوران عسڪري قيادت ٻوڏ متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏڻ جي ارادن جو اظهار ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب راولپنڊي جي جنرل هيڊ ڪوارٽرز(جي ايڇ ڪيو) ۾ 250هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي جنهن جي صدارت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪئي. بيان موجب ڪافرنس دوران فورم کي ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي خصوصي ڌيان ڏيندي ٻاهرين ۽ داخلي سلامتي جي صورتحال ۽ آرمي فارميشنز طرفان جاري امدادي ڪارروائين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
آرمي چيف فارميشنن کي آپريشنل تيارين کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻوڏ جي صورتحال ۽ چوڌاري جاري بحالي ۽ رليف وارن ڪمن جو جائزو ورتو ۽ ان دوران سموري ملڪ ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.
ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس دوران فورم ٻوڏ متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏڻ وارن ارادن جو اظهار ڪيو. جنرل قمر جاويد باجوه امدادي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ آرمي فارميشنز کي ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته مصيبت جي هن گهڙي ۾ هر هڪ متاثر ماڻهو تائين پهچڻ ضروري آهي.

وڌيڪ پڙھو

اسلامي ٽچ ڏيندڙ فنڪارن کي هاڻي قانوني ٽچ جي ضرورت آهي-راڻا ثناءِالله

اسلامي ٽچ ڏيندڙ فنڪارن کي هاڻي قانوني ٽچ جي ضرورت آهي-راڻا ثناءِالله

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسلامي ٽچ ڏيندڙ فنڪارن کي هاڻي …

Leave a Reply

Your email address will not be published.