ڪورونا وائرس کي منھن ڏيڻ لاءِ ناڪافي بندوبستن تي چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ناڪافي بندوبستن تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو جيڪو سندس پهريون پاڻمرادو نوٽيس آهي.

خيال رهي ته جسٽس گلزار احمد 21 ڊسمبر 2019ع تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کنيو هو ۽ اِهو 4 مهينن کان پوءِ هن جو پهريون پاڻمرادو نوٽيس آهي.

چيف جسٽس گلزار احمد ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيل بندوبستن تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي اٽارني جنرل، سيڪريٽري صحت، گهرو سيڪريٽري، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ چيف سيڪريٽري اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

اعليٰ عدالت طرفان چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ پڇيو ويو آهي ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪهڙا بندوبست ڪيا ويا آهن؟ ۽ اسپتالن ۾ ڪهڙيون سهولتون آهن؟

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بيچ ڪورونا وائرس بابت پاڻمرادي نوٽيس تي 13 اپريل تي ٻڌڻي ڪندي.

بينچ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد کان سواءِ جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس مظهر عالم خان، جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس قاضي محمد امين شامل آهن.

وڌيڪ پڙھو

سپريم ڪورٽ: پي ٽي آءِ کي جلسي لاءِ گرائونڊ ڏيڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ: پي ٽي آءِ کي جلسي لاءِ گرائونڊ ڏيڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، تحريڪ انصاف( پي ٽي آءِ کي ايڇ نائن ۽ جي نائن …