ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ 1235 مريض -23 صحتياب-9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آھن

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هيل تائين 9 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن، 1235 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته هيل تائين 23 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا جا ڪيس سامهون آيا آهن، جتي انگ 429 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جو انگ 408 ٿي ويو آهي. خيبرپختونخوا ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس جا 147 ڪيس سامهون آيا آهن، بلوچستان ۾ 131 ۽ اسلام آباد ۾ 27 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران ڪيل پڌرائي موجب هيل تائين ملڪ ۾ 23 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن، جن مان 14 ڄڻن جو تعلق سنڌ سان آهي.

وڌيڪ پڙھو

American Brides: Exploring Single American Women Designed for Marriage 2022

Articles Issues To Consider Ahead of Getting A -mail Order Star of the wedding Asian …