ڪورونا سبب سعودي ۾ عيد جي ڏينهن ۾ ڪرفيو هوندو. حڪومت جو اعلان

 (ڊيسڪ رپورٽ) سعودي حڪومت سموري ملڪ ۾ 23 کان 27 مئي تائين مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 14 کان 22 مئي تائين ڪاروباري سرگرميون جاري رکي سگهجن ٿيون، جڏهن ته ايران رمضان جي آخري ڏهاڪي جي وڏين راتين ۾ سموريون مسجدون کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب، عيد الفطر جي موڪلن دوران سعودي عرب ۾ مڪمل لاڪ ڊائون هوندو، جڏهن ته مڪه مڪرمه ۾ 24 ڪلاڪ ڪرفيو برقرار رهندو. سعودي عرب جي ٻين شهرن ۾ صبح نائين وڳي کان شام پنجين وڳي تائين ڪرفيو ۾ نرمي هوندي، جنهن دوران شهرين کي ضابطا اخلاق تحت روڊن تي چرپر جي اجازت هوندي. سعودي عرب ۾ 21 رمضان کان 8 شوال تائين عيد الفطر جون موڪلون هونديون پر ڪرفيو سبب شهري گهرن تائين ئي محدود رهندا. هوڏانهن ايران ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ڪجهه بهتر ٿيڻ بعد رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي جي وڏين راتين ۾ ملڪ جون سموريون مسجدون کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايران جي صحت واري وزير موجب سماجي وٿي سميت صفائي جا بهترين انتظام ڪيا ويندا، شهرين لاءِ نوان هدايت ناما پڻ جاري ڪيا ويندا

وڌيڪ پڙھو

هندستان ۾ آچر تائين ڪورونا ڪيسن جو ڪُل تعداد 14.8 ملين کان وڌي ويو

هندستان ۾ آچر تائين ڪورونا ڪيسن جو ڪُل تعداد 14.8 ملين کان وڌي ويو

هندستان ۾ آچر تائين ڪيسن جو ڪُل تعداد 14.8 ملين کان وڌي ويو جڏهن ته …