ڪورونا جي نئين قسم جي ٻين قسمن کان 71 سيڪڙو ڌيڪ وچڙڻ جا امڪان آهن

ڪورونا جي نئين قسم جي ٻين قسمن کان 71 سيڪڙو ڌيڪ وچڙڻ جا امڪان آهن

برطانوي سائنسدانن تازو سامهون  آيل ڪورونا جي نئين قسم کي ٻين سمورن قسمن کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. برطانوي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي نئين قسم جي ٻين قسمن کان 71 سيڪڙو ڌيڪ وچڙڻ جا امڪان آهن. سندن چوڻ آهي ته ڪورونا جي نئين قسم ۾ ٻارن جي متاثر ٿيڻ جا وڌيڪ امڪان آهن، ان ڪري وڌ کان وڌ احتياط ڪيو وڃي. برطانوي سائنسدانن وڌيڪ چيو ته ڪورونا جو هي قسم خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ ماڻهو تمام گهڻو بيمار ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن جسماني طور ڪمزور آهي ته سندس بچڻ جي اميد به گهٽجي وڃي ٿي، کين لڳي ٿو ته ڪورونا جي نئين قسم جو مرڪز ڏکڻ ۽ اوڀر انگلينڊ آهي. ٻئي طرف برطانيا ۾ ڪورونا جي نئين قسم ۽ سنگين صورتحال تي صحت جي عالمي اداري جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته برطانيا ۽ فرانس ۾ اڄ کان سرحد کولڻ جو معاهدو پڻ طئي ٿي ويو آهي.

وڌيڪ پڙھو

ڪابل جو طالبان ڪنٽرول سنڀالي ورتو. اشرف غني تاجڪستان فرار

ڪابل جو طالبان ڪنٽرول سنڀالي ورتو. اشرف غني تاجڪستان فرار

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان صدر اشرف غني طرفان ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ طالبان پنهنجي ويڙهاڪن کي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *