
ڪراچي(ويب ڊيسڪ)صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي عالمي وبا جي پنجين لهر جي شروعات ڪراچي کان ٿي چڪي آهي. وفاقي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا جو اومي ڪرون قسم جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي رهيو آهي. اختيارين موجب ڪراچي ۾ اومي ڪرائون ويريئنٽ مان ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح 7 سيڪڙو ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ ويڪسينيشن جي شرح صرف 40 سيڪڙو آهي جنهن ڪري ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. صحت جي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪراچي کانپوءِ ايندڙ نمبر لاهور جو آهي جتي اومي ڪرون سبب ڪيسن ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته اسلام آباد ۾ به اومي ڪرون جي ڪميونٽي ٽرانسميشن شروع ٿي وئي آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر فيصل محمود جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڪيسن کي روڪڻ لاءِ سخت قدمن جي ضرورت آهي، اسپتالن ۾ ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ به اضافو ٿيندو. هن جو چوڻ آهي ته اهو چوڻ تمام جلدي آهي ته ڇا اومي ڪرون قسم گهٽ خطرناڪ آهي. ياد رهي ته اين سي او سي جي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر به پاڪستان ۾ ڪورونا جي پنجين لهر تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ڪندي ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.