ڪورونا جا ڪلور ۽ بيحس حڪمران-حيات تنيو

دنيا ۾ جيئن ئي ڪرونا وائرس جي وبا منهن ڪڍيو ته جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ٿيل ترقي يافته ملڪن جون به وايون بتال ٿي ويون آهن. سائنس جي تيز ترين ترقيءَ جي باوجود ميڊيڪل سائنس ۾ ڪنهن به ملڪ اڃان تائين ان وبا جو ڪو علاج ايجاد ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ناهي ڪري سگھيو. تنهنڪري سڄي دنيا ان ڳالھ تي متفق بيٺي آهي ته ڪرونا وائرس کان بچاءَ جو فقط هڪڙو ئي واحد حل اهو آهي ته سموري دنيا لاڪ ڊائون ٿي وڃي. ماڻهو پنهنجا سمورا سڀئي سماجي تعلقات ختم ڪري پنهنجن گھرن تائين محدود ٿي وڃن. عجيب قسم جو وائرس آهي جنهن سمورن انسانن ۾ خوف، حراس ۽ ڊپ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي.
دنيا جي مهذب ملڪن ۽ پنهنجي عوام سان سنجيدھ ۽ ذميوار حڪومتن ته لاڪ ڊائون سان گڏ پنهنجن ماڻهن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ پنهنجو بنيادي فرض سمجھي ادا ڪيو آهي. پر هتي اسان وٽ وفاقي حڪومت هجي يا سنڌ حڪومت، پهريان ته روايتي لاپرواهي ۽ غيرذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي اڳواٽ احتياطي تدبيرون نه ڪري سگھي. جيڪڏهن پاڪستان گورنمينٽ يا سنڌ جا حڪمران صرف ملڪ کان ٻاهر ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي پابندي لاڳو ڪري سمورن هوائي اڏن ۽ ملڪي سرحدن سان ملندڙ بارڊرن کي سختيءَ سان بند ڪرڻ سان گڏ اندروني ملڪ ڏانهن اچ وڃ جا سمورا رستا بند ڪري ريلوي سروس، بس، ڪوچ وغيره تي پابندي هڻي ڇڏين ها، صرف ضروري استعمال جي سامان وغيره جي آڻڻ ۽ نيڻ واري ٽرانسپورٽ کي اجازت هجي ها ته نه لاڪ ڊائون جي ضرورت پوي ها، نه ئي ايترو گھڻو معاشي نقصان ٿي ها ۽ نه پورهيت ماڻهو بيروزگار بڻجي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿين ها.
شروع ۾ سنڌ جي وڏي وزير ڪجھ سرگرميون ڏيکاريندي لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو. پر ان اعلان سان غريب عوام تي پوندڙ اثرن جي حل لاءِ نه ڪا ئي پلانگ ڪئي ۽ نه ئي ڪا سگھاري حڪمت عملي جوڙي سگھيو. وفاقي توڙي سنڌ حڪومت طرفان هن انتهائي ڏکين، مشڪل ۽ خوف وارين حالتن ۾ ماڻهن کي اڪيلو، لاورث ۽ بيروزگار بڻائي صرف گھرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت جي لاڪ ڊائون واري ان قدم سان احتياط جي حد تائين ته هر ماڻهو متفق نظر اچي پيو، پر لاڪ ڊائون واري فيصلي پٺيان جيڪي ماڻهن جا درد لڪيل آهن، انهن دردن جو احساس شايد تمام ٿورڙن انسانن کي هجي. اسان جي سنڌ ۾ گھڻائي اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي روز ڪمائيندا آهن ته سندن گھرن جون چلهيون ٻرنديون آهن، ٻئي صورت ۾ کين لنگھڻ ڪاٽڻو پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جي حڪمرانن جي غلط پاليسين، زيادتين، تعصبانه روين، قبضيگير سوچ ۽ ماٽيجي ماءُ واري سلوڪ سبب سنڌين کي اهي سهولتون ۽ حق ميسر ڪونهن جن جا واعدا 1947ع کان اڳ ڪيا ويا هيا. سنڌ جي تيل، گئس ۽ ڪوئلي سميت ٻين وسيلن توڙي بجيٽ جو وڏو حصو وفاق جي نالي تي پنجاب جي ترقي، تعمير ۽ خوشحاليءَ تي خرچ ٿي رهيو آهي. پنجاب جي ان پرماريت، غاصبانه پاليسن ۽ سنڌ حڪومت ۾ شامل جاگيردار طبقي جي ڪرپشن سبب سنڌ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سميت تمام گھڻي غربت پڻ آهي. سنڌ سان زيادتين جو سلسلو ته ملڪ ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان ئي شروع ٿي چڪو هو،جيڪو بغير ڪنهن ساهيءَ جي لڳاتار هلندو پيو اچي. برابريءَ جي بنياد ۽ گڏجي هلڻ واري واعدي تي وجود ۾ ايندڙ هن ملڪ جي واڳ ڌڻين سنڌين سميت مظلوم قومن کي ڪڏهن به پنهنجي برابر واري حيثيت ناهي ڏني. مهاجر پنجابي ڳٺ جوڙ، اسٽيبلشمينٽ، سول بيروڪريسي ۽ سگھارين ڌرين سنڌ کي فتح ٿيل علائقو سمجھندي سڌين سان سدائين غلامن وارو ورتاءُ رکيو آهي. سنڌين سان ٿيندڙ بيواجبين جي لسٽ به ايتري ئي ڊگھي آهي جيتري هن ملڪ جي ڄمار آهي. 73 ورهين جي ڊگھي عرصي ۾ ڪو هڪڙو به اهڙو مثال ڪو نه ٿو ملي جنهن ۾ هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سنڌين کي پنهنجي برابر ڀاءُ سمجهي کين گڏ ويهاريو هجي. حقيقت ۾ پنجابين مان راجا رنجيت جي سنڌ کي فتح ڪرڻ واري سوچ اڃان تائين ختم ئي ناهي ٿي. پنجاب هر صورت ۾ سنڌ کي پنهنجي ڪالوني بڻائي سندين جي سمورن وسيلن ۽ گذر سفر جي ذريعن تي پنهنجي قبضي کي مستقل بنيادن تي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو.
وطن فروشيءَ جا اعلي مثال قائم ڪرڻ عيوض انگريزن کان جاگيرون حاصل ڪندڙ سنڌ جو موقعي پرست ۽ غدار ابن غدار جاگيردار طبقو پنهنجن مخصوص مفادن ۽ اقتدار جي اڇلايل هڏي چوسڻ جي لالچ ۾ پنجاب جي ان قبضيگيري واري سوچ ۾ سدائين سندن ٻانهن ٻيلي ۽ مددگار رهيو آهي. هن وقت به اقتدار جي اعلي ايوانن ۾ معتبر بڻجي ويٺل ڀوتارن مان وڏي اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي جن جي وڏن انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان وٺي پاڪستان جي قيام تائين، هندستان جي مختلف علاقن کان ايندڙ مهاجرن جي آبادڪاري کان ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ ون يونٽ جي قيام تائين، بنگال ۾ قائم ٿيل ڪربلا ذريعي ملڪ ٽوڙڻ واري سازش سميت ايوب خان ۽ يحيي خان تائين هر آمر اڳيان سر جھڪائي پنهنجي ذهن ۽ ضمير جا سودا ڪيا. جنرل ضياءَ کان جنرل مشرف جي آمريتن تائين، يا اسلام، وفاق، مسلم ڀائيچاري پاڪستاني قوم ۽ جمهوريت جي نالي ۾ ٻٽو مڪاني نظام قائم ڪرڻ سميت سنڌين سان ٿيندڙ هر جبر، ظلم ۽ ناانصافيءَ سميت هر گناھ ۾ هن ملڪ جي مقتدر قووتن سان سنڌ جو جاگيردار طبقو سدائين ڀاڱي ڀائيوار، ٻانهن ٻيلي ۽ برابر جو شريڪ رهيو آهي.
هن وقت به وفاقي توڙي صوبائي اسيمبين ۾ اسان جي ئي ووٽن تي چونڊجي ويٺل ڀوتارن مان اڪثريت انهن وطن فروش ۽ غدارن جي اولاد مان آهن، جن سنڌي قوم جي قومي، اجتماعي مفادن ۽ وسيلن وڪڻڻ سميت سنڌ جا ڀاڱا ڪرڻ ۾ به ڪڏهن شرم محسوس ڪو نه ڪيو آهي. تنهنڪري چوندا آهن ته جنهن جي ڄم کان واقف هجو انهن جا ڏند ڏسڻ جي ضرورت ناهي هوندي. اهو ئي سبب آهي ته هن ڏکين ۽ مشڪل گھڙين ۾ لاڪ ڊائون ذريعي ماڻهن کي گھرن تائين محدود ڪري کين بيروزگار ته بڻايو ويو آهي پر جاگيردار حڪمران طبقو سندن پرگھور لهڻ لاءِ تيار نظر ڪو نه ٿو اچي. لاڪ ڊائون کي تقريبن ويهن ڏينهن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر حڪومت اڃان تائين ماڻهن جي واهر ڪرڻ لاءِ ڪا منصوبه بندي ۽ حڪمت عملي جوڙي ناهي سگھي. سڄي سنڌ ۾ ڪجھ خدا ترس ۽ سرنديءَ وارا ماڻهو يا ڪجھ سياسي، سماجي ۽ مذهبي جماعتون پنهنجي حال آهر متاثر ماڻهن جي مدد ڪري رهيون آهن، جن کي جس ۽ شابس هجي. پر اسان جي مٿان 73 ورهين کان حڪمراني ڪندڙ جاگيردار حڪمران طبقو پنهنجي روايتي غفلت، لاپرواهي ۽ نالائقي واري روش اختيار ڪندي وقت ٽپائڻ واري حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي. هن وقت صورتحال ڪجھ اهڙي بڻجي وئي آهي جو متاثر حڪومت کان سواءِ عام سرنديءَ وارن صاحب حيثيت ماڻهن يا ڪجھ سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي وس ۾ ئي ناهي ته اهي ايڏي وڏي تعداد ۾ متاثر ماڻهن جون هڪ ئي وقت ضرورتون پوريون ڪري سگھن. ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪجھ خاندان يا ڪجھ هزار ماڻهو متاثر ناهن بڻيا جن جي ڪو غير سرڪاري ادارو، ڪا سياسي ۽ قومپرست پارٽي مدد ڪري سگھي. سنڌ جي تمام وڏي اڪثريت هيٺين ۽ پورهيت طبقي تي مشتمل آهي جن تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ آهي. تنهنڪري اهو سڀڪجھ حڪومتون ئي ڪري سگھنديون آهن، جن وٽ لاتعداد وسيلا، لامحدود اختيار، تمام وڏي بجيٽ ۽ پورو انتظامي اسٽڪچر هوندو آهي. پر جيڪڏهن پاڻ سچ ڳالهايون ته جيسيتائين حڪومتي سطح کان ڪا مدد ٿي، تيسيتائين جيڪي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز آهن، جيڪي هر دفعي ماڻهن کان ووٽ وٺن ٿا انهن کي ڪهڙو نانگ سراپي ويو آهي. سنڌ جو هر هڪ جاگيردار ايم پي اي ۽ ايم اين اي هر اليڪشن ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنجاھ کان سو ڪروڙ تائين خوشيءَ سان خرچ ڪندو آهي. پر هن ڏکئي وقت ۾ سنڌ مان چونڊيل هر هڪ ايم پي اي ۽ ايم اين اي جيڪڏهن وڌيڪ نه رڳو پنج پنج ڪروڙ پنهنجي تڪ جي متاثر بڻيل غريب ۽ پورهيت ماڻهن ۾ ورهائي پنهنجو فرض ڇو نٿو پورو ڪري. پر مان چوندو آهيان ته پيپلزپارٽي ۽ جاگيردار طبقي جي مقدر ۾ قدرت ڪو چڱائي جو ڪم لکيو ئي ناهي. تنهنڪري ٻٻرن مان ٻيرن جي اميد رکڻ بجاءِ وري به صاحبِ حيثيت ۽ سرنديءَ وارن انسان دوست ماڻهن کي اپيل ڪنداسين ته خدارا پنهنجن پاڙيسرين، مٽن مائٽن، رشتيدارن ۽ شهرين جي ضرورتن جو خيال رکو.

Hayattuino786@gmail.com

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …