ڪورنا وائرس جي خطري سبب سنڌ حڪومت شاپنگ مالز انٽر سٽي ٽرانسپورٽ، پارڪس، هوٽلون ۽ ريسٽورنٽس سڀاڻي کان بند ڪرڻ جو فيصلو: سرڪاري آفيسز 19 مارچ کان بند ڪرڻ جو اعلان

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي تيزيءَ سان پکيڙ بعد سنڌ سرڪار جا وڌيڪ اهم فيصلا: عام واهپي جي شين جا دڪان ۽ اسٽورز کُليل رهندا

شهري گهر ۾ ويهي عام واهپي جون شيون گهرائي سگهندا: ڪراچي جي رستن تي 15 ڏينهن تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هوندي

سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ ڪراچي ۾ انٽر سٽي ٽرانسپورٽ، سي ويو، پارڪس، هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس کي 15ڏينهن تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. 19 مارچ کان سرڪاري آفيسز به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مرا علي شاهه جي سربراهيءَ جي اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ڪراچي ۾ 15 ڏينهن لاءِ شاپنگ مالز، هوٽلون ۽ ريسٽورنٽس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن کي سڀاڻي کان ئي لاڳو ڪيو ويندو. جڏهن ته ڪرياني جا دڪان، مڇي مارڪيٽس، ڀاڄين ۽ ميون سوڌو عام واهپي جي شين جا دڪان کُليل رهندا.
ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ سي ويو، پبلڪ پارڪس ۽ سمورين سرڪاري آفيسز بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ طئه ڪيو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري پرين 19 مارچ کان سرڪاري آفيسز مڪمل طور بند رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. اُن کانسواءِ فائيو اسٽار هوٽلن جا ريسٽورنٽس به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتي عام ماڻهو وڃي نه سگهندا پر آن لائين يا فون ڪري کاڌي پيتي جون شيون گهرائي سگهن ٿا، جڏهن ته شاپنگ مالز ۾ اسٽورز کُليل رهندا. ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪراچي اندر عام ٽرانسپورٽ به 19 مارچ کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

وڌيڪ پڙھو

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم جنيد بکراڻي کي ايس ايس پي …