ڪشمور ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پنجاب واسي اڌڙوٽ شخص قتل ٿي ويو

ڪشمور ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پنجاب واسي اڌڙوٽ شخص قتل ٿي ويو. سول ڪورٽ ٻاهران سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب جي شهر احمد پور واسي 40 ورهين جو غلام عباس شيخ قتل ٿي ويو. هٿياربند فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته موقعي تي موجود پوليس ڪارروائي ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار علي خان سبزوئي، محمد خان سبزوئي ۽ آزاد سبزوئي جو واسطو ڪنڌڪوٽ سان آهي. پوليس مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته سندس وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي پهچڻ بعد معاملي جي جاچ اڳتي وڌائينداسين ۽ پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو. پوليس موجب واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي، مقتول صبح جو عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻيءَ جي حوالي سان حاضري لاءِ پيش ٿيڻ لاءِ پهتو ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني.

وڌيڪ پڙھو

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

حيدرآباد (پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر …