ڪربلا جو سانحو: سچ سدائين مچ مان گذري سرخرو ٿيو“.

انساني تاريخ به عجيب المين سان ڀري پئي آھي، جن سچ جو ساٿ ڏنو ۽ حق جو هوڪو ڏنو، تن ڱي وڌيڪ ظلم جو نشانو بڻايو ويو. ۽ انهن لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون جيڪي موت کان به بدتر هيون. پاڻ جيڪڏھن سڄي انساني تاريخ جو جائزو وٺنداسين ته اهڙا انيڪ ڪردار ملي پوندا، جن امن ۽ انسانيت جي ڳالھ ڪئي، پر انهن جي زندگين ۾ رت جا درياءَ وهايا ويا ۽ انهن کي آڙاهن ۾ اڇلايو ويو. سڄي انساني تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي ڪردار آھن. پر پاڻ جڏھن تاريخ جي ورڪن جو سفر طيءِ ڪندا ڪربلا ڪي ميدان تي پهچئون ٿا ته اتي امام حسين عه جي روپ ۾ هڪ اهڙي هستي ملي ٿي جنهن تمام ٿورڙن ساٿين جي مدد سان اهڙي جنگ وڙھي، جنهن جنگ جهڙو مثال ئي پوري انساني تاريخ ۾ نٿو ملي. اهو سچ هو ۽ اهو حق ئي هو، جنهن امام حسين عه کي هڪ اهڙي جنگ ڪرڻ تي مجبور بڻائي ڇڏيو جو اها جنگ دنيا جي سمورين جنگن تي حاوي ٿي وئي. اهو ئي سچ آھي جنهن لاءِ شيخ اياز چيو آھي ته؛
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو،
تنهن جو سارو چين کڻي ٿو!
اسلام کان اڳ عربن ۾ قبائليت ۽ جھالت پنهنجي عروج تي هئي، معمولي ۽ ننڍن ننڍن ڳالهين تي جھيڙا جھڳڙا ۽ قتل و غارتگري عام رواجي ڳالهيون هونديون هيون. جھالت، وحشيت ۽ بي رحمي جو اهو عالم هوندو هو جو ڌيئرن جي ڄمڻ کي پنهنجي بيعزتي تصور ڪندي کين جيئري ئي دفن ڪيو ويندو هو. پنهنجن ابن ڏاڏن جي وقت کان قائم روايتن، طور طريقن ۽ عقيدن کي هر حال ۾ قائم رکڻ جا نه صرف حامي هوندا هئا پر، انهن کي بچائڻ لاءِ آخري حد تائين به وڃڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا. اسلام کان اڳ ۾ خانه ڪعبه اندر ڪيترائي بُت رکيل هوندا هئا ۽ خانه ڪعبه کي جزيره عرب جو سڀ کان وڏو بتخانو سمجھيو ويندو هو ۽ اڄ جھڙي ريت ڪعبي کي مسلمانن جي سمورن فرقن ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي. اهڙي ريت ان دور ۾ به هي گھر جزيره عرب جي بيشمار مذهبن جو مرڪز سمجھيو ويندو هو. نبي پاڪ صه پاران بتن جي مخالفت ڪرڻ ۽ هڪڙي خدا جي عبادت ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ مڪي وارن اهو سوچيو ته جيڪڏهن حضرت محمد صه جن جي ڳالهين تي عمل ٿي ويو ۽ جيڪڏهن خانه ڪعبه کي بتن کان خالي ڪرڻ جي ڪري بت پرستيءَ جو خاتمو ٿي ويو ته اسان جو تمام گھڻو معاشي نقصان ٿيندو. ڇو جو مڪي ۾ بين الاقوامي بازار جيڪا سال ۾ چئن مهينن تائين جاري رهندي آهي اها ڪڏهن به نه لڳي سگھندي. مڪي ۾ پاڻي جي تمام گھڻي قِلت هجڻ ڪري ڪا به زراعت نه ٿيندي هئي. اتان جا ماڻهون ٻن طريقن سان زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪندا هئا، هڪ واپار ۽ ٻيو چوپايو مال پالڻ. انهن ۾ به خاص طور تي اُٺ پالڻ جو وڌيڪ بندوبست هوندو هو. اهڙي صورتحال ۾ عرب اهو چڱي ريت سمجھن پيا ته جيڪڏهن محمد صه جو دين زور پڪڙيندو ۽ مظبوط ٿيندو ته خانه ڪعبه کي بتن کان خالي ڪرايو ويو ته ڪو به بتن جي زيارت جي غرض کان مڪي ڪون ايندو ۽ اهڙي طرح ”عڪاظ“ جيڪا بين الاقوامي بازار چار مهينا جاري رهندي آهي اها بلڪل ختم ٿي ويندي. مڪي ۾ ٿيندڙ ان سالياني اجتماع ۾ سمورو عرب اوڏانهن ڇڪجي ايندو هو ۽ ان اجتماع جي ذريعي جھيڙن ۽ جنگين جي ماريل عربن ۾ ٻڌي، اتحاد ۽ ايڪي جو ڳانڍاپو پيدا ٿي پوندو هو. مختلف علائقن ۽ قبيلن جا ماڻهو هڪ ٻئي سان تمدني رابطا قائم ڪندا هئا، شاعري جا مقابلا ڪندا هئا جنهن سان سندن زبان ۽ ادب کي ترقي نصيب ٿيندي هئي ۽ واپاري ڏي وٺ سان سموري ملڪ جون ضرورتون پورريون ٿينديون هيون. عربن ۾ هڪڙو مظبوط معاهدو ٿيل هوندو هو ته ذوالقعد، ذوالحج ۽ محرم سال جا ٽي مهينا جنگ حرام هوندي هئي، جنهنڪري سال جو اهو ٽيون حصو امن جو زمانو نصيب ٿيندو هو. بس اهو ئي هڪڙو محدود زمانو هوندو هو جنهن ۾ هنن جا قافلا بغير ڪنهن رڪاوٽ ۽ خوف جي ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين سهولت سان ايندا ويندا هئا. انڪري مڪي وارا پنهنجي معاشي بقا ۽ اقتصادي حالت کي دين محمد صه جن جي سامهون خطري ۾ محسوس ڪندا هئا، انهن جو هي خيال هو ته جيڪڏهن حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪاميابي ملي وئي ته اسان جي اقتصادي حالت هميشه لاءِ تباھ ٿي ويندي.
مڪي وارن جي حضور صه جن سان دشمني جو ٻيو سبب هيءُ به هو ته جڏهن پاڻ سڳورن صه بتن جي پوڄا ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ته مڪي وارن ان جو مطلب هي ورتو ته اسان جي ابن ڏاڏن جي رسم تي حملو ڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي عقيدي سان مذاق ڪئي وڃي ٿي. جزيره عرب ۾ بت پرستيءَ جي رسم سندن ابن ڏاڏن کان ايندڙ نسل تائين پهتي هئي ۽ پنهنجي پوري قووت سان جاري رهندي آئي هئي. ڪنهن کي به اهو حق حاصل نه هيو ته هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي نظريي تي تنقيد ڪري يا ائين چوي ته اهي ڪجھ به نه سمجھندا هيا يا انهن جو رستو غلط هيو، پر حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن وڏي جرئت سان ائين چوندا هئا. انهيءَ ئي خاص سبب ڪري مڪي جا ماڻهون پاڻ سڳورن صه جي جان جا دشمن بڻجي کين طرحين طرحين جون تڪليفون ۽ اذيتون پهچائڻ جو ڪوششون ڪندا رهندا هئا، ايتري قدر جو رستي ويندي پاڻ سڳورن مٿان گند اڇلايو ويندو هو، مٿس ڀتر ۽ پٿر هنيا ويندا هئا جو پاڻ سڳورن جو چهرو مبارڪ رتُ سان ڀرجي ويندو هو تڏهن به پاڻ صه تمام وڏي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي پنهنجي گھر اچي رتُ صاف ڪندا هئا ۽ ڪڏهن به پنهنجن چپن مبارڪن تي ڪنهن به قسم جي شڪايت نه آڻيندا هئا ۽ نه ئي ڪڏهن رنج ۽ غم جو اظهار فرمايائون. ڇو ته پاڻ ڪريم جن فرمائيندا هئا ته انسان کي صرف ان وقت ئي در ۽ تڪليف جو احساس محسوس ٿيندو آهي، جڏهن ان کي اها خبر نه هجي ته ڪنهن جي ڪري اهي تڪليفون برداشت ڪري ٿو. پر جڏهن هن کي اها چڱي طرح خبر هوندي ته اهي سموريون مصيبتون، تڪليفون ۽ ايذاءَ ان جي آدرشن ۽ عظيم مقصد تان هٽائڻ، سندس راھ ۾ رڪاوٽ وجھڻ لاءِ اچن ٿيون ته، پوءِ ان کي ڪنهن به قسم جي تڪليف، درد ۽ غم جو ڪو به احساس نه رهندو آهي ۽ نه ئي ان جي زبان تي ڪي شڪايت جا لفظ ايندا آهن. ان ڪري ئي حضور پاڪ کي مڪي جي مالدار طبقي جي هٿان اهنج ۽ ايذاءَ سهڻا پيا، ڇو ته اهي توحيد رباني جي بنياد تي غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ گھرن پيا. پاڻ سڳورا آقا ۽ غلام، جاگيردار ۽ هاري، ڪارخانيدار ۽ مزدور جي ٽڪراءَ وارا مفاد رکڻ وارن طبقن کي ختم ڪري، غيرطبقاتي معاشرو اڏڻ چاهن پيا. اهڙو معاشرو جنهن ۾ الله تعالي پاران پنهنجي مخلوق لاءِ خلقيل پيداواري ذريعن تي مخصوص ۽ ٿورڙن ماڻهن جو قبضو نه هجي ۽ اهڙي قسم جو قبضو الله ۽ ان جي رسول جي رضا خلاف بغاوت آهي. الله تعالي جا پيدا ڪيل ذريعا خلق خدا جي ملڪيت آهن. رسول خدا پنهنجي اڻٿڪ محنت، جدوجهد، ايمانداري، سادگي، سچائي، ديانتداري، بي مثال اخلاق ۽ انقلابي ڪردار جي ڪري اهڙي رياست قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر سندس وفات کان پوءِ ٽيهن سالن جي اندر ئي نبوت واري طريقي تي هلندڙ خلافت کي موروثي بادشاهت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهو عمل اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. ڇاڪاڻ ته مذهب جي پاڪباز بانين ۽ سندن ٿورڙن سچن پيروڪارن کان پوءِ، مذهبي پيشوائن پنهنجن مفادن ۽ دنيوي زندگي جي سهولتن ۽ آسائشن جي لاءِ پيداواري ذريعن تي قابض قووتن ۽ اعلي طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ مذهب جي بنيادي نظريي ۽ فلسفي کي پُٺيءَ پويان ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ اهڙن لوڀي مذهبي پيشوائن عوام کي ٻڌايو ته بک، بدحالي، بيروزگاري، بيماري، غربت، جھالت، مسڪيني، بيوسي، لاچاري ۽ غلامي، الله تعالي سندن تقدير ۾ لکي ڇڏي آهي، غربت ۽ دولت جي گھڻائي انسان کي الله تعالي جي طرفان ئي ملندي آهي. جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ بدلائي نه ٿو سگھجي. غريب کي ان جي سمورين تڪليفن ۽ پورهئي جو اجر مرڻ کان پوءِ قيامت ۾ بهشت، حورن ۽ غلمانن جي صورت ۾ ملندو. تنهن ڪري ڪنهن به قسم جي ظلم، زيادتي ۽ ناانصافيءَ خلاف آوزا اٿارڻ خدا جي قانون جي انحرافي ۽ بغاوت ڪرڻ برابر هوندو. سمورين تڪليفن، ناانصافين، زيادتن، ڏاڍ ۽ جبر کي صبر ۽ خوشيءَ سان برداشت ڪري خاموشيءَ سان زندگي گذارڻ گھرجي، ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪڪڙ بڻجي پنهنجي آقا ۽ مالڪ جو فرمانبردار ٿي رهڻ گھرجي. سمورن مذهبن جا مذهبي اڳواڻ ۽ پيشوا اڄ تائين اها ئي تعليم ڏيندا رهيا آهن. ڪڏهن به ڪنهن مذهبي اڳواڻ رسول خدا جي منبر تي ويهي ائين نه چيو آهي ته هي جيڪا ماڻهن ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري، بيچيني ۽ مسڪيني آهي اها هتان جي حڪمرانن ۽ سرمائيدار طبقن جي ناانصافين، عدل، انصاف، قانون ۽ برابري جي عدم موجودگي، اقرباپروري ۽ ناڻي جي صحيح ورڇ نه هجڻ سبب آهي، تنهن ڪري عوام کي ان بيواجبين ۽ زيادتين خلاف آواز اٿارڻ گھرجي. هي مير، پير، ڀوتار، جاگيردار ۽ سردار، جيڪي ڄورن جيئان غريبن، پورهيتن ۽ بي پهچ ماڻهن جو رت چوسي ٿلها متارا ٿيو خدا جي ڌرتيءَ تي فرعون ۽ يزيد بڻيا خدا جي مخلوق جي نڙيءَ تي لتَ ڏيون سندن محنتن ۽ مشقتن جو سمورو اجورو لٽيون ڦريون، عزت، وقار ۽ آسودگيءَ سان جيئڻ جون سموريون واٽون بند ڪيون، کين نسل در نسل غلام بڻايون ويٺا آهن، اهي ئي ڀوتار ۽ انهن جو ڀوتارڪي نظام خدا ۽ ان جي رسول صه جي سمورن قائدن، قانونن ۽ اصولن جي نفي آهي ۽ انهن جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ بغاوت ڪرڻ حقيقي افضل جھاد آهي
حقيقت ۾ نبي پاڪ صه جي سموري جدوجھد جو مقصد به ان وقت جي جھالت ۽ اوندھ جي پوڄاري سردارن، بادشاهن ۽ حاڪمن جي سمورين ناانصافين خلاف عملي جدجهد جو مظهر ۽ اوچ نيچ، رنگ، نسل ۽ ذات پات کان پاڪ، عدل، انصاف ۽ برابري جي بنياد تي معاشري جي اڏاوت هو، اهڙو معاشرو جنهن ۾ سمورا انسان برابر هجن، ڪنهن به صورت ۾ ڏاڍي جي لٺِ کي ٻه مٿا نه هجن. عربستان جي ريگستان ۽ پهاڙن ۾ ٻڪريون چاريندڙ هڪ معصوم ۽ يتيم ٻار پنهنجي رسالت جي ٽيويهن سالن جي عرصي دوران تمام گھڻين رڪاوٽن، سازشن، حملن، جسماني، ذهني ٽارچر، تشدد، غريبي ۽ مسڪيني واري حالتن باوجود تمام گھڻي محنت، اڻ ٿڪ جدوجهد ۽ مسلسل جاکوڙ ذريعي پنهنجي سموري پروگرام، منشور مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي چڪو هو. پر سندس وفات کان پوءِ سندن پوئلڳ اسلام جي ان امن، سک، سلامتي، خوشحالي، پيار، محبت، اخوت ۽ برابري واري عالمگير پروگرام کان هٽي مذهب جي نالي ۾ بادشاهت ۽ اجاراداري قائم ڪري ڇڏي. اسلام جي ابتدائي دور ۾ ڪا به فرقيواريت ۽ اختلاف ڪون هو. حضور پاڪ جي وفات بعد فرقابندي ۽ ٻيا اختلاف آهستي آهستي وڌندا ويا. رسول خدا پنهنجي سڄي عهد حڪومت ۾ حضرت علي رضه کان سواءِ بني هاشم مان ڪنهن کي به ڪو عهدو نه ڏنو، حضرت ابوبڪر رضه به پنهنجي خلافتي دور ۾ پنهنجي قبيلي ۽ خاندان جي ڪنهن به ماڻهو کي ڪنهن عهدي تي نه رکيو، حضرت عمر رضه پنهنجي ڏهن سالن واري حڪومتي دور ۾ رڳو هڪ ماڻهوءَ کي هڪ ننڍي عهدي تي مقرر ڪيو ۽ ان تان به کيس جلد معزول ڪيو ويو. پر جڏهن حضرت عثمان رضه جن جانشين مقرر ڪيا ٿيا ته ان پنهنجي پاليسي تبديل ڪندي پنهنجن ويجھن مائٽن کي وڏن وڏن عهدن تي مقرر ڪيو ۽ ٻيون به اهڙيون ڪافي رعايتون ڏنيون، جنهن جي ڪري عوام ۾ اعتراض ۽ بيچيني پيدا ٿي. هن ڪوفي جي گورنر حضرت سعد بن ابي وقاص رضه کي معزول ڪري سندس جڳھ تي پنهنجي ماٽيلي ڀاءُ وليد بن عقبه بن ابي معيط کي مقرر ڪيو ۽ وري ساڳيو عهدو پنهنجي هڪ ٻئي مائٽ سعيد بن عاص کي ڏنو. حضرت ابو موسي اشعري رضه کي بصري جي گورنريءَ کان هٽائي پنهنجي ماروٽ عبدالله بن عامر کي مقرر ڪيو. مصر جي گورنر حضرت عمرو بن عاص رضه کي هٽائي پنهنجي رضائي ڀاءُ عبدالله بن سعد بن ابي سرح کي مقرر ڪيو. پنهنجي سوٽ مروان بن الحڪم کي هن پنهنجو سيڪريٽري بڻائي ڇڏيو. جڏهن ته حضرت معاويه رضه کي، حضرت عمرفاروق رضه جي زماني ۾ صرف دمشق جي ذميواري سونپيل هئي، مگر حضرت عثمان رضه دمشق، حصص، فلسطين، اردن ۽ لبنان جو پورو علائقو گڏائي ان جو کين گورنر مقرر ڪري ڇڏيو. حضرت معاويه رضه تقريبن 17، 16 سالن کان جنگي لحاظ کان انتهائي اهم صوبي جو گورنر رهڻ سبب پنهنجو تمام گھڻو اثر رسوخ قائم ڪري چڪو هو، اهو ئي سبب هو جو هن حضرت عثمان رضه جي قاتلن کان پلاند جي نالي ۾ اسلامي قانون ۽ وقت جي خليفي حضرت علي رضه خلاف بغاوت جو اعلان ڪندي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جنگ صفين وارو واقعو پيش آيو. ان کان اڳ ۾ حضرت عثمان رضه جي خون جي بدلي ۽ قاتلن کي انفرادي طور قتل ڪرڻ لاءِ جنگ جمل به لڳي چڪي هئي جنهن ۾ ٻنهي پاسن جا تقريبن ڏھ هزار مسلمان شهيد ٿي چڪا هئا. ان جنگ ۾ حضرت علي عه جي مقابلي ۾ جيڪا فوج وڙهي هئي ان ۾ اڪثر ڪري بصري ۽ ڪوفي جا ماڻهو شامل هئا، جنهن ۾ حضرت علي رضه جي فوج هٿان پنج هزار ماڻهو قتل ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا هئا، تنهن ڪري ان وقت اها اميد اجائي هئي ته عراق جا ماڻهو ساڳي جذبي سان جنگ صفين ۾ سندس حمايت ڪندا، جنگ صفين ۽ ان کان پوءِ وارين حالتن ۾ حضرت معاويه جي ڪئمپ ۾ اتحاد ۽ حضرت علي عه جي ڪئمپ ۾ اختلاف بنيادي طور انهيءَ جنگ جمل جو نتيجو هئا، جيڪڏهن اها جنگ نه ٿي ها ته تمام خرابين جي باوجود حالتون ڪجھ ٻيون هجن ها. جنگ جمل ۽ جنگ صفين کان پوءِ حالتون سڌرڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون ويون ۽ اسلامي دنيا عملي طرح سان ٻن حڪومتن ۾ ورهائجي وئي. آخرڪار رمضان سن 40 هجري ۾ حضرت علي سائين جي شهادت ۽ ربيع الاول سن 41 هجري ۾ حضرت امام حسن عه جي ٺهراءَ، معاويه رضه جي لاءِ ميدان خالي ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ جيڪي حالتون پيش آيون، انهن کي ڏسي ڪري اُهي ماڻهون به، جيڪي پهريان حضرت علي رضه ۽ سندس مخالفن جي جنگين کي رڳو فتنو سمجھي ڪري غيرجانبدار رهيا هئا، انهن چڱي طرح سمجھيو ته حضرت علي عه سڀ ڪجھ اُمت جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪري رهيو هو. بعد ۾ اهي سمورا ماڻهو سڄي حياتي پڇتائيندا رهيا ته حضرت امام علي عه جو ساٿ ڇو ڪون ڏنو سين.!
حضرت معاويه جي عهد ۾ سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ مذهب جي استعمال ۽ شرعي حدن کي اورانگھڻ جي جيڪا شروعات ٿي هئي، سندس پنهنجي ٿاڦيل جانشين يزيد جي حڪومت ۾ اها بدترين نتيجي تائين پهچي وئي. دورِ يزيد ۾ اسلامي قاعدن، قانونن ڀڃڪڙين، عدل ۽ انصاف جي بدترين خلاف ورزين، عوام جا حق ڦٻائڻ، مختلف قسم جي ظلم ۽ زيادتن سميت ٻين ڪيترن ئي المناڪ واقعن کان علاوه حضرت امام حسين رضه جي شهادت جو اهڙو واقعو پيش آيو جنهن سموري اسلامي دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو. ان ڳالھ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪنهن شڪ ۽ گمان جي گنجائش ئي ڪانهي ته اسلامي تاريخ ۾ سيدنا حضرت امام حسين عليه السلام جي شخصيت کي جيڪا اهميت حاصل آهي اها بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، خلفاءِ راشدين رضه جي دور کان پوءِ جنهن واقعي اسلام جي ديني، سياسي ۽ اجتماعي تاريخ تي سڀ کان وڌيڪ گھرو اثر وڌو، اهو سندس شهادت جو عظيم واقعو آهي. حضرت امام حسين عه، يزيد جي سمورن غيرآئيني، غير قانوني، غيرشرعي قدمن ۽ ظالمانه، سفاڪانه حڪومت جي خلاف بغاوت ڪندي سندس بعيت ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ڪوفي وارن حضرت امام حسين رضه کي يزيد جي ناانصافين، ظلمن ۽ زيادتن جي خلاف بار بار خط لکي دعوتون ڏيندا رهيا ته توهان اچو ۽ اسان توهان جو ساٿ ڏينداسين. هن پنهنجي سوٽ مسلم بن عقيل کي ڪوفي وارن ڏانهن بعيت جي لاءِ موڪليو ۽ پاڻ به سفر جي تياري ڪرڻ لڳا. حضرت امام حسين عه کي پنهنجن دوستن ۽ عزيزن انهيءَ سفر کان گھڻو ئي روڪيو ۽ ڪوفي وارن جي غدارين کان پڻ آگاھ ڪيو، پر هو پڪو عزم ڪري چڪو هو. معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت ٻاهتر ماڻهن تي مشتمل مختصر قافلي ڪربلا جي ريت تي حق، سچ عدل، انصاف ۽ برابري وارو نظام قائم ڪرائڻ لاءِ پنهنجن ساٿين سميت انتهائي بهادري، شجاعت ۽ دليري سان ظلم ۽ ناحق خلاف جھيڙيندي شهادت حاصل ڪندڙ امام حسين عه يزيد جي بعيت ڪرڻ کان صرف انڪري انڪار ڪيو جو يزيد انتهائي ڪرپٽ، ڪوڙو، مڪار، بي ايمان، بدعنوان، خيانت ڪندڙ، خلق خدا سان انصاف ۽ برابري جي بنياد هلڻ بجاءِ ڏاڍ ۽ جبر ڪندڙ ، غريبن جا حَق غضب ڪندڙ غاصب، جابر، آمر، زاني ۽ شرابي هو، جيڪو عوام جي بنيادي ۽ انساني حقن جي انحرافي ڪندڙ بدمست حڪمران هو. تنهن ڪري امام حسين رضه جن ان جي بعيت کان انڪار ڪندي مزاحمت وارو دڳ اختيار ڪندي، اسان کي رستو ۽ سمجھاڻي ڏئي ويا ته ظالم اڳيان ڪنڌ جھڪائڻ بجاءِ جدوجھد ڪندي سِرُ ڪٽائڻ بهتر آهي. امام رضه جي سموري جدوجھد، فڪر، فلسفي ۽ پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ جو بنيادي مقصد به ڦورو ۽ رعيت جا حق ڦٻائيندڙ ظالمن خلاف ويڙهاند ڪرڻ آهي. امام زين العابدين رضه جو فرمان آهي ته جتي انصاف نه ملي اتي ڪربلا سمجھي ميدان ۾ ڪاهي پئو، ڇو ته اتي فيصلا ڪندڙ يزيد جا پوئلڳ هوندا آهن. ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عه جي قرباني اسلام جي سر بلنديءَ سان گڏوگڏ هر قسم جي ڏاڍ ۽ جبر، بربريت ۽ لاقانونيت، بدعنواني ۽ ڪرپشن خلاف به جدوجهد آهي ته خدا جي ڌرتيءَ تي عدل، انصاف ۽ برابري واري نظام جي بحاليءَ لا۽ به لازوال قرباني آهي. تنهنڪري ڪنهن به مبالغي کان سواءِ اهو چئي سگھجي ٿو ته سموري دنيا جي ڪنهن المناڪ حادثي تي انساني نسل ايتري قدر ڳوڙها نه ڳاڙيا هوندا، جيتري قدر امام حسين عه ۽ ان جي ساٿين جي شهادتن تي وهي چڪا آهن. تيرهن سو ورهين جي اندر تيرهن سو محرم گذري ويا آهن ۽ هر محرم ان سانحي جي ياد تازي ڪري ٿو. حضرت امام حسين رضه جي جسم مان جيترو رتُ وهيو هو، ان جي هڪ هڪ ڦڙي جي بدلي دنيا ڏک، ماتم ۽ ڳوڙهن جو سيلاب وهائي چڪي آهي. انڪري حسين رضه سان سچي محبت ڪندڙ ۽ سندن حقيقي پيروڪارن کي نمائشي هاءِ هاءِ ڪرڻ بجاءِ، امام عه جي عظيم سوچ، فڪر ۽ فلسفي جي بنيادي پهلوئن تي تمام گھڻي سنجيدگي ۽ گھرائي سان غور ڪري ان کي سمجھڻ، ان تي عمل ڪرڻ ۽ پوءِ اڳتي وڌڻ جي سخت ضرورت ضرورت آهي. سياسي ۽ انقلابي ڪارڪنن کي به امام حسين عه جي سموري زندگي، سندس بهادري، مستقل مزاجي، صبر، سهپ، ارادن جي مظبوطي ۽ پختگي، ظلم، جبر ۽ سختين اڳيان جھڪائڻ، ڊڄڻ يا ڪنهن به قسم جي مصلحت ڪرڻ بجاءِ پنهنجن بنيادي اصولن، آدرشن ۽ مقصد جي حاصلات لاءِ جانين جون قربانيون ڏيڻ واري لازوال ۽ شاندار قربانيءَ جو مطالعو ڪري ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪرڻ گھرجي ۽ اهو سمجهڻ گھرجي ته سچ سدائين مچ مان گذري سرخرو ٿيو آھي.
هن وقت سنڌ جي صورتحال به خراب آھي ۽ پنهنجو سماج به ڄڻ ڪنهن ڪربکا جي عڪاسي ڪري رهيو آھي، جتي مظلومن سان ظلم آھي ۽ ظالم هر روز وڌيڪ طاقتور ٿيندو پيو وڃي. جنهن جي قول، فعل ۽ ڪردار ۾ فرق آھي. اهڙي صورتحال ۾ مظلوم کي آواز اٿارڻو پوندو. ڳالھ پاڻي جي ڪنداسين ته اهو پيئڻ لاءِ ميسر ناهي. ڳالھ ناڻي جي ڪنداسين ته ان ڦرلٽ جاري آھي. ماڻھن جي جان، مال ۽ عزت محفوظ ناهي. مطلب ته هر اها برائي، هر اهو ظلم موجود آھي، جيڪو يزيد جي دور ۾ نظر ايندو هو، جنهن کي امام حسين عه ۽ سندس ساٿين للڪاريو ۽ ھڪ اهڙي ويڙھ وڙھي، جنهن سان ڪوڙ جو ڪنڌ ھيٺ ٿي ويو ۽ سچ جو ڳاٽ اوچو ٿي ويو. ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪڏھن امام حسين عه ڪربلا جي ميدان ۾ آڻ مڃي ها ته پوءِ ظلم خلاف ڪير به آواز نه اٿاري سگهي ها. اسان جيڪڏھن پاڻ کي ڪربلا جي شھيدن جو سچو پيروڪار سمجهون ٿا ته پوءِ اسان سڀني کي حق ۽ سچ لاءِ آواز اٿارڻو پوندو ۽ ظلم خلاف اهڙي ويڙھ وڙھڻي پوندي جو ان جو حشر يزيد جهڙو ٿي وڃي.
حيات تنيو

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …