ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو- هڪ پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻا شهيد ۽ 4 دهشتگرد مارجي ويا، ٽن پوليس اهلڪارن سوڌو 7 ڄڻا زخمي

ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو- هڪ پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻا شهيد ۽ 4 دهشتگرد مارجي ويا، ٽن پوليس اهلڪارن سوڌو 7 ڄڻا زخمي

ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻا شهيد ۽ 4 دهشتگرد مارجي ويا، ٽن پوليس اهلڪارن سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، وزيراعظم، وڏي وزير ۽ گورنر سنڌ واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پوليس موجب صبح جو تقريبن 10 وڳي 4 هٿيار بند پهريان اسٽاڪ ايڪسچينج جي گيٽ تي دستي بمن سان حملو ڪيو ۽ بعد ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري موقعي تي پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن شروع ڪيو. پوليس موجب دهشتگرد جديد هٿيارن سان ليس هئا ۽ وٽن بارودي مواد سان ڀريل جيڪيٽس به موجود هيون. پوليس موجب دهشتگردن جي حملي ۾ پوليس انسپيڪٽر شاهد، 2 شهري ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جا 3 سيڪيورٽي گارڊز شهيد ٿي ويا. پوليس موجب دهشتگردن جي حملي ۾ 3 پوليس اهلڪار، 2 سيڪيورٽي گارڊز، هڪ اسٽاڪ ايڪسچنيج جو ملازم ۽ هڪ شري زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس موجب رينجرز ۽ پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ ٽن دهشتگردن کي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ داخل ٿيڻ وقت ۽ هڪ دهشتگرد کي اسٽاڪ ايڪسچينج جي حال ۾ ماريو ويو. ڪراچي پوليس چيف ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ حملي کي ناڪام قرار ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردن اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي ڪوشش ڪئي پر فورسز فوري طور تي ڪارروائي ڪندي چئيني دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ايڊيشنل آءِ جي جو چوڻ آهي ته دهشتگرد پارڪنگ ايريا کان سلور رنگ جي ڪار ۾ آيا، جن وٽ هٿيار ۽ بارودي مواد به هو جيڪو سيڪيورٽي فورسز پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي استعمال هيٺ گاڏي جي رجسٽريشن جي معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي، گاڏي جي مالڪ جو پتو پوڻ کانپوءِ وڌيڪ جاچ اڳتي وڌائي ويندي. پوليس ۽ رينجرز ريسڪيو آپريشن بعد عمارت کي ڪليئر قرار ڏئي ڪي ايس اي جي چوڌاري پوليس ۽ رينجرز جا جوان مقرر ڪري ڇڏيا. واقعي خلاف وزيراعظم سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي پنهجي بهادر جوانن تي فخر آهي، شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته هي واقعو ملڪي سلامتي ۽ معيشت تي حملي جو برابر آهي. وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ پوليس ۽ رينجرز جي بروقت ڪارروائين کي ساراهيندي چيو آهي ته وبائي صورتحال ۾ ملڪ جا دشمن ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ چوڪس رهڻ گهرجي وڏي وزير پوليس اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻئي پاسي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هن حملي جو مقصد دهشتگردي جي خلاف اسان جي اڻٿڪ جنگ کي داغدار بڻائڻ آهي.

وڌيڪ پڙھو

Philippine Mail Order Brides: Find a Filipino Spouse

Content material Get Into A Filipina Snail mail Order Woman One Hundred And One She …