ڪراچي ۾ داعش سان تعلق رکنندڙ ھڪ دھشتگرد گرفتار

ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروائي ڪري داعش سان تعلق رکندڙ هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب ڪارروائي دوران پڪڙيل دهشتگرد سڪندر خان ولد ڪامل خان 2019 کان پهرين تحريڪ طالبان پاڪستان جو ڪارڪن هو. جوابدار 2013 ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردي سميت ٻين ڏوهن ۾ گرفتار ٿي ڪري جيل ويو هو جتان کيس مردان جيل منتقل ڪيو ويو هو. مردان جيل مان دهشتگردي جي سزا ڪاٽڻ کانپوءِ 2019 ۾ دهشتگرد تنظيم داعش سان سلهاڙجي ويو ۽ ڪراچي شهر ۾ ساٿين سان گڏ ڀتو وصول ڪرڻ شروع ڪيو. پوليس موجب پڪڙيل دهشتگرد پي آءِ بي ٿاڻي جي حد ۾ ڊاڪٽر سراج کي ڀتي جي پرچي موڪلي، جوابدار ڀتو نه ڏيڻ تان ڊاڪٽر سراج تي فائرنگ ۽ ڪلينڪ کي بم سان حملي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، واقعي خلاف پي آءِ بي ٿاڻي تي جوابدار خلاف ڪيس به داخل ٿيل آهي. پوليس موجب جوابدار ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ به حليم نالي شهري کان ڀتو طلب ڪيو جنهن جو پڻ ڪيس داخل ٿي آهي. پوليس موجب جوابدار وٽان هٿ ڪيل هٿيار فارنزڪ لاءِ موڪليا ويا آهن ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ پڙھو

سموري سنڌ ۾ 4 ڏينھن جي لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند رکڻ جو اعلان

سموري سنڌ ۾ 4 ڏينھن جي لاءِ سي اين جي اسٽيشن بند رکڻ جو اعلان

ڪراچي:(ڇنڇر 14 مئي 2022ع) سوئي سدرن گئس ڪمپني گرمي جي موسم ۾ به سي اين …

Leave a Reply

Your email address will not be published.