ڪراچي مڇر ڪالوني واقعي خلاف سنڌ سراپا احتجاج، ايس ٽي پي پاران ٺٽي ۾ ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي مڇر ڪالوني واقعي خلاف سنڌ سراپا احتجاج، ايس ٽي پي پاران ٺٽي ۾ ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ تشدد ڪيل ٻن نوجوانن جا مڙھن جي سندن اباڻن ڳوٺن ۾ تدفين ڪئي وئي، ڪراچي مڇرڪالوني ۾ بينگاھ ٻن سنڌي نوجوانن ٺٽي واسي ايمن سعيد ۽ نوشھرفيروز واسي اسحاق پنھور جا لاش ٺٽو ۽ نوشھرفيروز پھتا جتي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي ٻئي پاسي ھن دردناڪ واقعي تي سڄي سنڌ ۾ سخت ڪاوڙ ۽ غصي جي لھر ڇانيل آھي مختلف سياسي سماجي تنظيمين پاران احتجاج جا اعلان ڪيا ويا آھن. جڏھن تہ ٺٽي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران فوتي ايمن سعيد جي تڏي تي پريس ڪانفرنس ڪئي جنھن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ امتياز سمون، جلال شاھ، راجو قريشي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.ان موقعي شھيد نوجوان جو والد سعيد جاويد پڻ موجود ھو، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ امتياز سمون چيو تہ ھن دردناڪ واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي. اسان جي نوجوانن کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي حڪمران تماشائي بڻيل آھن ھنن اعلان ڪيو تہ ھن ناحق قتل خلاف آچر جي ڏينھن ٺٽي ۾ احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو.

وڌيڪ پڙھو

باري پتافي رھڙڪي پھچي متاثر ھندو خاندان کان معافي ورتي. متاثر خاندان معاف ڪري ڇڏيو.

باري پتافي رھڙڪي پھچي متاثر ھندو خاندان کان معافي ورتي. متاثر خاندان معاف ڪري ڇڏيو.

ميرپورماٿيلو ويجھو سانگھڙ جي ھندو خاندان سان بدتميزي ۽ تشدد ڪندڙ شھمير پتافي جي ماروٽ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *