ڪراچي – ايس ٽي پي پاران ڪراچي سنڌ آهي امن مارچ جي پانڌيئڙن جي مان ۾ ايوارڊ تقريب-ڪارڪنن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا

سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪراچي سنڌ آهي امن مارچ جي پانڌيئڙن جي اعزاز ۾ ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ مڃتا ايوارڊ تقريب پارٽي چيئرمين ڊاڪٽرقادر مگسي جي صدارت ھيٺ ٿي گذري. تقريب ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 26آڪٽومبر کان 3نومبر تائين ڪراچي سنڌ آهي امن مارچ ۾ مسلسل شامل پانڌيئڙن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ ڏنا ويا ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادر مگسي چيو ته آئون هر ان وک قدم کي سلام ٿو پيش ڪريان جيڪا سنڌ جي وحدت جي بقاءُ لاءِ کنئي وئي. هن ڪراچي جي گهٽين ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن جنهن طرح سان مارچ ڪري پوري دنيا کي پيغام ڏنو ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ اسان جي ماءُ آهي ڪنهن به سنڌ دشمن سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ جي اندر ان وقت قومن جي اندر عدم تحفظ واري ڪيفيت برقرار رهندي جيستائين هن ملڪ ۾ شامل سمورين ايڪائين ۽ قومن کي برابري جي بنياد سندن حق نٿا ڏنا وڃن. ملڪ جو بنياد 1940 واري قرادا تي پيل انڪري ملڪ جي اندر مختلف قومن کي ان قرداد جي روح تحت اختيار ۽ خود مختياري ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي ڪنهن فرد نه پر قدرت تخليق ڪيو انڪري اهو اختيار ڪنهن کي به اسان نه ڏينداسين ته اسان جي فطري مادر وطن جي حدن سان ڪو ڇيڙ ڇاڙ ڪري. سنڌ کي ﷲ پاڪ دنيا جي هر نعمت سان مالا مال ڪيو آهي هتي هر قسم جو اناج ۽ معدنيات ملي ٿي ۽ کيس پنهنجا سمنڊ آهن پر افسوس اها سنڌ جيڪا هن ملڪ جي سڄي معاشي پورائو ڪندڙ آهي ان جا ڌڻي بک بدحالي بيمارين ۾ تڙپي تڙپي مري رهيا آهن نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪن پيا. ٻيو ته ٺهيو پر انساني زندگي جون بنيادي سهولتون اڻ لڀ آهي وڃو اسپتالن ۾ ته علاج جون سهولتون ناهي اسڪول بند پيا آهن پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي. پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جون زمينون بنجر بنجي ويون آهن ڊيلٽا ۾ پاڻي نه وڃڻ سبب ڊيلٽا ۾ نه فقط فطري سونهن مري وئي آهي پر لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ٺٽي بدين جا ساحلي علائقن ۾ انساني زندگي ڪيترين مشڪلاتن مان گذري رهي آهي. هن سموري تباهي ۽ بربادي جو ذميوار هي حڪمران آهن جيڪي جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقي سان تعلق رکندڙ آهن انهن ذاتي مفاد ۽ ٺٺ ٺانگر خاطر قومي مفادن کي تين وال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو هاڻي سنڌي قوم کي سجاڳ ٿيڻو پوندو دوست ۽ دشمن جو تعين ڪرڻو پوندو هن مدي خارج قوم دشمن وطن فروش جاگيردارن سرمائيدارن وڏيرن مان جنڊ آجي ڪراڻي پوندي پنهنجي ووٽ جي طاقت کي صحيح استعمال ڪرڻو پوندو. جڏهن اسان پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪنداسين ۽ سنڌ دوست هيٺين طبقي جي فردن کي پنهنجو نمائيندو بنائي اسيمبلي ۾ پهچائينداسين پوءِ اسان جي تقدير تبديل ٿيندي پوءِ ڪنهن ماءُ جي لال جي همٿ نه ٿيندي ڪو سنڌ جي وحدت خلاف ڪا بڪواس ڪري يا ڪو بل اسيمبلي ۾ آڻي

وڌيڪ پڙھو

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

حيدرآباد (پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر …