ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪندڙ سليمان امل، شھزاد بلوچ، تسليم بلوچ،۽ سراج طور ٿي وئي.

ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪندڙ سليمان امل، شھزاد بلوچ، تسليم بلوچ،۽ سراج طور ٿي وئي.

ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا شهيد ۽ 4 دهشتگرد مارجي ويا، ٽن پوليس اهلڪارن سوڌو 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پوليس موجب صبح جو تقريبن 10 وڳي 4 هٿيار بند پهريان اسٽاڪ ايڪسچينج جي گيٽ تي دستي بمن سان حملو ڪيو ۽ بعد ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري موقعي تي پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن ڪيو. پوليس موجب دهشتگردن وٽ جديد هٿيار هئا ۽ وٽن بارودي مواد سان ڀريل جيڪيٽس به موجود هيون. پوليس موجب رينجرز ۽ پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ ٽن دهشتگردن کي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ داخل ٿيڻ وقت ۽ هڪ دهشتگرد کي اسٽاڪ ايڪسچينج جي حال ۾ ماريو ويو. حملي جي ڪوشش دوران مارجي ويل چئني دهشتگردن جِي سليمان اَمل، شهزاد بلوچ، تسليم بلوچ ۽ سراج طور سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جن جون عمريون 25 کان 30 سال جَي وچ ۾ ٻڌايون وڃن پيون. پوليس موجب، شهيدن جي سڃاڻپ سب انسپيڪٽر شاهد، ٽي سڪيورٽي گارڊ افتخار، خدا يار ۽ حسن علي طور ڪئي وئي، جڏهن ته زخمين ۾ ٽي اهلڪار سعيد اڪرام، شهزاد احمد، اهلڪار امتياز علي، گارڊ محمد وقاص، ٻه شهري عاشق ۽ عامر شامل آهن. اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به سامهون اچي ويا. ڪراچي پوليس چيف ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ حملي کي ناڪام قرار ڏيندي چيو ته دهشتگردن اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي ڪوشش ڪئي پر فورسز فوري طور تي ڪارروائي ڪندي کين ماريو ويو. ايڊيشنل آءِ جي چيو ته دهشتگرد پارڪنگ ايريا کان سلور رنگ جي ڪار ۾ آيا، جن وٽ هٿيار ۽ بارودي مواد به هو جيڪو سيڪيورٽي فورسز پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. آءِ جي سنڌ طرفان آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس پارٽي لاءِ 20 لک رپين جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، دهشتگردن جي استعمال هيٺ گاڏي جي رجسٽريشن بابت ڃاڻ ورتي پئي وڃي، گاڏي جي مالڪ جو پتو پوڻ کانپوءِ وڌيڪ جاچ اڳتي وڌائي ويندي. پوليس ۽ رينجرز ريسڪيو آپريشن بعد عمارت کي ڪليئر قرار ڏئي ڪي ايس اي جي چوڌاري پوليس ۽ رينجرز جا جوان مقرر ڪري ڇڏيا.

وڌيڪ پڙھو

Panel Software — What You Should Seek out in a Table Software Package

Whether you are a small company or perhaps an venture, board program can be a …