ڪا جا مام مون نه ته سڄڻ سٻاجهيندڙ گهڻو

ڪاجا مام مون نه ته سڄڻ سٻاجهيدڙگھڻو
اڄ مون لطيف سائين جو رسالو کڻي پڙهڻ شروع ڪيو ۽ سرائڪي راڳي پٺاڻي خان جي هڪ پراڻي راڳ جي سيڊي لڳائي ٻڌڻ شروع ڪئي جنهن ۾ اڪثر ڪافيون خواجه فريد جون هيون اڪيلو رهڻ ۽ پاڻ سان مخاطب ٿيڻ منهنجي زندگيءَ جي ڪجھ روزمره جي مشغولن ۾ هڪ مشغولو رهيو آهي. لطيف سرڪار. خواجه فريد. پٺاڻو خان ڪنڀار. ۽ اڪيلائي زندگيءَ جو هڪ ردم…….
ارڙهن سال کن ٿيندا خواجه فريد جي گادي نشين طرفان ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب کي خواجه فريد جي عرس ۾ شرڪت جي دعوت ملي ته ڊاڪٽر صاحب پارٽي جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ مونکي حڪم ڪيو حڪم جي بجا آوري ڪندي مان ڪوچ ۾ سوار ٿي ڪشمور پهتس ته گڊو جا سعد الله شاه. مظفر ڪوريجو شهيد گل حسن ڀيو خادم بوهڙ ۽ ٻيا دوست جن سان رابطو ڪري نڪتو هوس ٻه ڪارون ڪاهي اچي پهتا جن سان گڏجي ڪوٽ مٺڻ پهتا هئاسين جتي اسان جو استقبال گادي نشين ظفر ڪوريجو ۽ اسان جي پراڻي سرخي دوست مجاهد جتوئي ڪيو هو. مان دوستن کان جدا ٿي اڪيلو عظيم شاعر خواجه غلام فريد ڪوريجا جي درگاھ ويو هئس. اتي ديوارن تي لکيل سندس شاعري پڙهندو رهيس ۽ اسٽال تي موجود سندس شاعري ۽ زندگي تي لکيل ڪتاب خريد ڪري درگاھ ۾ ويهي ڪجھ پنا پڙهي ورتا هئا. شام جو شروع ٿيل ڪانفرنس ۾ مھمان خاص جي حيثيت ۾ ڳالھائيندي مون لطيف سائين جي شاعري ۽ خواجه فريدڻ جي شاعري جو تقابلي جائزو پيش ڪيو هو ۽ ٻنهي قومن جي قومي تحريڪ جي ڳانڍاپي ۽ مسئلن تي ڳالهايو هو ان وقت سرائڪي تحريڪ عروج تي هئڻ سبب پنڊال ۾ وهوا ٿي وئي هئي رات جي ماني اسان سنڌ کان لڏي مٺڻ ڪوٽ ۾ آباد ٿيندڙ دوست هن وقت سندس نالو ذهن تي نٿو اچي وٽ کائي پوءِ گادي نشينن وٽ پهتا هئاسين.
لوڪ ستي رات جي وڳڙي ۾ مون ۽ مجاهد جتوئي جيڪو سرائڪي علائقي ۾ کاٻي ڌر ۽ سرائڪي قومي موومينٽ جو بنياد وجهندڙ ۾ آهي ۽ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندڙ نظرياتي طور پڪو پختو اڳواڻ رهيو آهي ساڻس منهنجو پراڻو تعلق هو ڪافي عرصو اڳ ڪروڙ پڪا شهر ۾ پروفيسر عزيز الدين طرفان پليجو صاحب جي
صدارت ۾ ڪرايل هڪ ڪانفرنس دوران پليجو صاحب. استاد فدا حسين گاڏهي،، سرائڪي قومي تحريڪ جو بنياد وجهندڙ،، جي سامهون ٻن ڏينهن تائين اسان جون سير حاصل ڪچهريون ٿيل هيون. مجاهد تن ڏينهن ۾ درزڪو ڪم ڪندو هيو پوءِ سعودي عرب ويو اتان جيڪي پئسا ڪمائي آيو گهر ۽ ٻچن کي ڏيڻ يا لگزري زندگي گذارڻ بجاءِ ڪوٽ مٺڻ ۾ ليبرئري ۽ خواجه فريد ميوزيم ٺاهڻ تي خرچ ڪري ڇڏيائين… اسين ٻئي رات جو ليبرئري ۽ ميوزيم گهمڻ کان پوءِ اڪيلا اچي خواجه فريدڻ جي وسيع اڱڻ تي ويٺا هئاسين. مون خواجه فريد کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ ڪچهري کي ان طرف وٺي ويس. مجاهد جتوئي جنهن وٽ سوايو علم هو بغير ساهي جي ڳالھائيندو رهيو. خواجه فريد جي پيدائش ان وقت جون حالتون. سرائڪي وسيب جي معاشي سياسي سماجي صورتحال.. روهي. ٿل، ٿر، ۽ ٿل واسي جيڪي فريدڻ جا محبوب هيا ۽ فريدڻ انهن جو عاشق هو . برسات. ڏڪار. تل. ترايون. مالوند. مال. اٺ. اوٺار. مال. مالوند. انهن حالتن جي سک . ڏک عشق. وصال ۽ وڇوڙا. ڪچهري هلندي رات جي پوئين پهر مون مجاهد کان ٻه سوال ڪيا هئا. رابطن جي اڻ ھوند ۽ ڏکيائن باوجود لطيف سائين جي ڪلام ۽ فڪر ۾ خواجه فريد سان وڏي هم آهنگي ڪيئن پيدا ٿي..?. ٻيو لطيف وٽ اڻ کٽ موضوع. مشاهدو. ۽ آفاقيت جي جيڪا وسعت آهي اها خواجه فريد سميت ان وقت جي ٻين سرائڪي ۽ پنجابي شاعرن ۾ ڇو ناهي…?
ڪافي دير تائين خاموش رهڻ کان پوءِ منهنجي منهن ۾ تڪيندي مجاهد مختصر جواب ڏنا هئا. چيائين خواجه فريد ۽ لطيف جي دوستن ۽ دشمنن جي هيڪڙائي. مغل شهنشاهيت جو برصغير تي قبضو. ۽ مذهبي متڀيد قومي وجود. ثقافت. تهذيب ۽ ٻوليءَ کي خطرا ٻنهي جي ذهني ڳانڍاپي جا ذريعا هيا.. لطيف سرڪار مٿانهون ان ڪري آهي جو سنڌ ان وقت به هن خطي جو خوشحال ترين خطو هو معاشي ڦرلٽ وڌيڪ هئي. مغل حاڪميت سنڌ ۾ سڌي طرح راڄڌاني ڪري ويٺل هئي. سنڌ پنهنجي الڳ ملڪ ۽ رياست وارو درجو رکندڙ هئي جيڪو اسٽيٽس کائنس کسيو ويو هو . مقامي مغلن جا وفادار جاگيرون رکندڙ ۽ بک ۾ پاه ٿيندڙ هاري جي وچ ۾ ويڇا وڌيل هئا شاھ عنايت شهيد جي، جو کيڙي سو کائي، جهڙي تحريڪ هلي ۽ دهلي. مقامي وڏيرن ۽ مذهبي ويسا گهاٽي ذريعي ڪچلي وئي هئي. دهلي ۾ دارا شڪوه جي مذهبي ڪٽر پڻي خلاف شاهجهان خلاف هلندڙ تحريڪ جو مرڪز سنڌ هئي. سنڌ کي پنهنجي حدن ۾ سمنڊ. پهاڙ. جهنگل. زر خيز زرعي زمين. ٿر. بر. ٻيلا موجود هيا. سنڌي ٻولي مٿاهين درجي تي پهتل هئي رچ ڪلچر هو. ۽ وڏي ڳالھ ته سنڌ ان وقت دنيا جي آفاقي نظرين ۽ فڪرن سان سڏي طرح جڙيل هئي ۽ ٻين برصغير جي حصن کي اهي خصوصيتون ميسر نه هيون….. صبح وارين ازانن تي اسين اٿي اوطاق تي پهتاسين ته منهنجا دوست ۽ ٻيا مهمان گهري ننڊ ستل هيا مان گل حسن ڀيو جو پاسي وٺي سمهي رهيس .

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا …