ڪابل جو طالبان ڪنٽرول سنڀالي ورتو. اشرف غني تاجڪستان فرار

ڪابل جو طالبان ڪنٽرول سنڀالي ورتو. اشرف غني تاجڪستان فرار

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان صدر اشرف غني طرفان ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ طالبان پنهنجي ويڙهاڪن کي ڪابل ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته صبح ويڙهاڪن کي ڪابل ٻاهران روڪيو ويو هو پر هاڻ اهڙا اطلاع آهن ته ڪابل ۾ سرڪاري آفيسون خالي ٿي ويون آهن ۽ پوليس اهلڪار به ڀَڄي ويا آهن.هن چيو ته ڪابل ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي هٽي وڃڻ کانپوءِ چورن ۽ ڦورن کان امن کي خطرو آهي، تنهن ڪري ويڙهاڪن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اهي ڪابل جي انهن علائقن ۾ داخل ٿي وڃن، جتان انتظاميا هٽي چڪي آهي ۽ ڦرلٽ جو خطرو آهي.ترجمان موجب طالبان طرفان ڪابل جي ڪجهه علائقن ۾ داخل ٿيڻ سان شهري خوفزده نه ٿين.هن ويڙهاڪن کي حڪم ڏنو ته اهي ڪنهن جي به گهر ۾ داخل نه ٿين ۽ نه ڪنهن کي تنگ ڪن.اهڙي اعلان کانپوءِ طالبان شهر ۾ داخل ٿي ويا ۽ پرڏيهي ميڊيا موجب طالبان ڪمانڊر دعويٰ ڪئي آهي ته انهن صدارتي محل جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته طالبان جي اچڻ کان اڳ ئي عملي محل خالي ڪري ڇڏيو هو.واضح رهي ته ان کان اڳ طالبان جو چوڻ هو ته مجاهد جنگ يا طاقت ذريعي ڪابل ۾ داخل ٿيڻ جو ارادو نٿا رکن، ڪابل جي پرامن سرينڊر لاءِ افغان اختيارين سان ڳالهيون جاري آهن.اڳ کان اڳ قائم مقام گهرو وزير عبدالستار ميرز ڪوال طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو هو ته ڪابل تي حملو نه ڪرڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي ۽ معاهدي تحت عبوري حڪومت کي اقتدار جي منتقلي پرامن ماحول ۾ ٿيندي.هوڏانهن طالبان طرفان ڪابل جي گهيري کانپوءِ افغان صدر اشرف غني ۽ نائب صدر امرالله صالح ملڪ ڇڏي هليا ويا، جنهن جي تصديق افغانستان جي اعليٰ قومي مصالحتي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله به تصديق ڪئي.عبدالله عبدالله سوشل ميڊيا تي پنهنجي ويڊيو ۾ وڌيڪ چيو ته طالبان ڪابل ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڳالهين جو وقت ڏين، جڏهن ته عوام به پرامن رهي.پرڏيهي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اشرف غني نائب صدر امرالله صالح سان گڏ ڪابل کان تاجڪستان هليو ويو آهي، ٻئي تاجڪستان جي تخت گاهه دوشنبي ۾ آهن ۽ انهن جي اتان ٽئين ملڪ روانگي جو امڪان آهي.ٻئي پاسي آمريڪي صدر جو بائيڊن افغانستان مان پنهنجي شهرين ۽ سفارتي عملي جي محفوظ واپسي لاءِ ويندڙ فوجين جو انگ ٻيڻو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پنهنجي بيان ۾ جو بائيڊن چيو ته آمريڪي مشن جي خاتمي ۽ عملي جي حفاظت سان واپسي لاءِ 5 هزار فوجي افغانستان موڪليا ويندا، ويڙهاڪ نڪرندڙ مشن جي اهلڪارن کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪن.

وڌيڪ پڙھو

انڊونيشيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 17 ڏينهن ۾ 114 ڊاڪٽر فوت ٿي ويا

انڊونيشيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 17 ڏينهن ۾ 114 ڊاڪٽر فوت ٿي ويا

جڪارته(ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 17 ڏينهن ۾ 114 ڊاڪٽر فوت ٿي ويا. …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *