کپرو-ڪورٽ جي حڪم باوجود علي حيدر رونجھو جو ڪيس داخل نہ ٿيو-ايس ٽي پي جو احتجاجي مظاھرو

کپرو-ڪورٽ جي حڪم باوجود علي حيدر رونجھو جو ڪيس داخل نہ ٿيو-ايس ٽي پي جو احتجاجي مظاھرو

کپرو ( نيوز ڊيسڪ تان) پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان کپرو واسي علي حيدر رونجھو جو ڪيس ڪورٽ جي حڪم جي باوجود داخل نہ ٿيڻ خلاف اڄ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شهيد علي حيدر رونجهو جي قتل جي خلاف کپرو شهيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن م مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ خدابخش درس تعلقي کپرو جي صدر حسين ترڪ پارٽي جي ورڪرن ۽ وڏي تعداد م عام شهرين ۽ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ سانگھڙ پوليس جڙتو مقابلي ۾ نوجوانن کي قتل ڪيو ڪورٽ مان حڪم جي باوجود ڪيس داخل نہ ڪيو ويو. ھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي تہ فوري طور تي علي حيد رونجھو جو ڪيس سانگھڙ پوليس تي داخل ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي

وڌيڪ پڙھو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ:شھر ۾ وڌندڙ بدامني، موٽر سائيڪلن جي چوري، گھرن مان ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف سنڌ …