کورہ چوڪ وٽ ٿر واسي واپارين جي گاڏي سان حادثو-6 ڄڻا فوت۽8 زخمي

ٿر واسي واپارين جي گاڏي سان خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. واپارين جي گاڏي ڪراچي کان مٺي وڃي رهي هئي ته سندن شهزور گاڏي کورهه چوڪ وٽ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. حادثي جي نتيجي ۾ ٿر جي ڳوٺ سگهروڙ جي ٻن واپارين محمد حسن جوڻيجو ۽ غلام رحيم جوڻيجو فوت ٿي ويا. 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي سجاول، گولاڙچي ۽ حيدرآباد جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٿر جا واپاري ڪراچي ۾ مال وڪرو ڪري شهزور گاڏي تي سوار ٿي واپس ٿر وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته حادثي جو هڪ زخمي والجي ڀيل گولاڙچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، سندس واسطو ٿر جي ڳوٺ ٽاهو سان آهي. ذريعن موجب حادثي جي ٽن زخمين اياز جهاڳورو، مير خان جهاڳورو ۽ قربان جهاڳورو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته رستي تي ئي فوت ٿي ويا. فوت ٿيل ٽئي ڄڻا ننگرپارڪر جي ڳوٺ پهڻيارو جا رهواسي آهن.

وڌيڪ پڙھو

Panel Software — What You Should Seek out in a Table Software Package

Whether you are a small company or perhaps an venture, board program can be a …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *