ڏاها ته ٿيو-شوال ڏيٿو

شوال ڏيٿو

اگر سپر طاقت جو راز معاشيات م لڪل آھي ته پوء دنيا جون معاشي حالتون ٻڌائن ٿيون ته دنيا جي موجوده سپر طاقت سپر ظعيف ٿي چڪي آ ,
۽ دنيا جي اڪثريتي ظعيفي مان واضع ٿي چڪو آ ته سپر طاقت ڪير ٿي سگهي ٿو ,
مون پهرين مهاڀاري جنگ جو ڏنڊ ڀريندڙ جرمني کي به سگهارو ٿيندي پڙھيو آ ,
مون ترڪ شھنشاهيت کي عروج وقت پرائي جنگ م پستي هڻي پاڻ کي اجاڙي ۽ ٽوڙي ساڻ گڏ زوال طرف به اهڙيون پستيون هڻي اڳتي وڌندي به پڙھيو آ ,
۽ ان جنگ کان پوء جي ان ساڳي ترڪي م هن وقت هيلين جهڙين عورتن کي به سٿ ۽ ساه ڏيندي پڙھيو آ ,
ُمون پهرين مهاڀاري جنگ جي فاتحن ۽ نيپولين ۽ ھٽلر کي مات ڏيندڙ روس کي به پنهنجن جي ئي هٿان ٽٽندي شڪست کائندي پڙھيو آ ,
مون جنگين کان پوء سپر طاقت بنجڻ لاء سپر طاقتن کي ڪمزور قومن مٿان حملا آور ۽ قرض جي شڪل م قابض ٿيندي به پڙھيو آ ,
مون ڪمزور قومن ۽ جنگين جهڙو عظيم گناه ڪندڙ قومن کي پنهنجي به قومي انا ۽ قومي تشخص کي مان ڏيندي ڏٺو آ ,
مون ڪارن جي هندستان ( امريڪا ) جي اصل ريڊ انڊين جو قومي وجود نيست ونابود ٿيندي به پڙھيو آ ,
ڪوئي سنڌ جو اديب ڪوئي سياستدان مونکي ٻڌائيندو ته دنياعربن جي قومي هيري ڪمال ۽ ڪارن جي قومي هيري منڊيلا کي مري وڃڻ کانپوء به قابضن آڏو آڻ مڃندو محسوس ڇو نه ٿي ڪري ?
دنيا جي مهاڀاري جنگين , هٽلر ۽ نيپولين جي ڇٿو ٿي پوڻ جا ڪارڻ, امريڪا جو فاشزم طرف اچڻ , جرمني جي جنگ جو ڏنڊ ڀرڻ قومي انا تي وار سمجهڻ , وري جرمني جو سگهارو ٿي اڀرڻ جو سبب ,عربن جي ڪمال ۽ ڪارن جي منڊيلا جي جدوجهد دنيا جي عظيم ۽ بدترين انسانن سان اديبن جو گڏجي بيهڻ جي راز پٺيان قومي انا قومي برتري ۽ قومي برابري آھي ,
مون پڙھندي پڙھندي اهو به سمڌو آھي ته تاريخ جي سمورن عظيم انسانن ۽ بدترين انسانن م گهڻي ڀاڱي مثبت شعور وسيلي يا پرتشدد طريقن ذريعي جيڪا مقصدي هڪ جهڙائي هئي جيڪا اهم ڳاله هئي سا اها هئي ته هو پنهنجي قومن کي برابري برتري ۽ خوشحالي ڏيڻ گهرندا هئا ,
مون دنيا جي غلام قومن جي اديبن ۽ سياستدانن کي هڪ صف م بيهي آذادي ۽ برتري جي آجيان م رت جا گل ڇٽيندي به پڙھيو آ ته بيگناه رت جون ننديون وهائيندي به پڙھيو آ ,
۽ هن وقت مان انهن ئي قومن جي ترقي ۽ خوشحالي تي پنهنجي سنڌي قوم جي سياستدانن ۽ اديبن کي پنهنجي غلام قوم لاء انهن کان سندن حوصلو ۽ ھمت وٺڻ بجائي انهن کان ٽڪن جو امداد پندي ڏسان پيو !
مان جيڪو عيد براد يا سڪار جي سالن م ڪتاب وٺي پڙھندڙ هڪ غريب ٻار آھيان ۽ ڪڏھن به پنهنجي پڙھڻ ۽ ڪڙھڻ جي اديب يا سياستدان بنجي پنهنجي سماج کان ڪا وصولي نه ڪئي آ,
تمام گهٽ پڙھندي به ايترو پڙھي ۽ سمجهي ويو آھيان ته جرمني تي لڳل ڏنڊ ۽ ان ڏنڊ کي جرمن قوم جنگ جهڙي عظيم ڏوھ جو ازالو نه پر پنهنجي قومي انا جي ٿيل تذليل محسوس ڇو ڪئي ? ,
۽ هٽلر ان جي پلاند م دنيا سان ڇا ڇا ڪيو ?
۽ خد به ساڳي شڪست ۽ ذلالت کي اکين سان ڏسڻ ۽ ڪنن سان ٻڌڻ کان اڳ ئي خدڪشي ڇو ڪئي ?
پر منهنجي قوم جا اهي سياستدان ۽ اديب جيڪي پنهنجي قوم کان مان مرتبي ۽ ٽڪن جي شڪل م پنهنجي پڙھڻ ۽ ڪڙھڻ جي وصولي ڪري رهيا آھن جيڪي ڪاله تائين پنهنجي قوم کي غلام سمجهندڙ ۽ محسوس ڪرائيندڙ اديب ۽ سياستدان هئا ,
اهي ايترو به نه سمجهي سگهيا آھن ته قومي انا يا قومي برتري يا برابري ڇا هوندي آھي ?
اگر هو سمجهن ٿا ته پوء خاموشي ڇو ?
هن وقت جڏھن حالتون نئين دنيا جي تشڪيل جا سحره ڳائي رهيون آھن ,
معاشي حالتون نئين عالمي طاقت جي آمد م منڊي تي ٽڪ بنجي بيٺيون آھن ,
دنيا جون سموريون فيڊريشنز هاڻ نون بلاڪن ۽ نوان ملڪ بڻجڻ جي تياري م آھن ان وقت سنڌ جي اديبن ۽ سياستدانن جي خاموشي کين لاء وطن کان لاتعلق ٿيڻ جو پڪو ثبوت بڻجي رهي آھي .
يا هيئن کڻي چئجي ته هن وقت سموري قوم بحيثيت سنڌي قوم جي نه فقط وطن کان لاتعلق پر وطن جي مالڪي تان به ڄڻ ته مڪمل طور دستبردار ٿي چڪي آ
ان ڪري جو اسان جي اديبن ۽ سياستدانن وٽ بحيثيت سنڌي قوم جي نئين جڙندڙ سپر طاقت سان گڏجي بيهڻ يا ان جي مدمقابل ٿي بيهڻ يا وطن ۽ قوم کي غلامي مان ڪڍڻ لاء نئين سپر طاقت آڏو پنهنجو ڪو سياسي ڪو معاشي ڪيس ڄڻ ته آھي ئي ڪونه .
خدارا هن وقت جي حالتن م به مهاڀاري جنگ کانپوء جي اڀري آيل عالمي طاقت جي هڪ ڌڙڪي کان ڊڄي بلاڪ م شامل ٿي خير سگالي طور غلامي قبول نه ڪجو متان هن وقت جي اڀري آيل عالمي طاقت آڏو به وري ٻيا هڪ سو سال به غلامي م گذرن ,
دنيا جي عظيم انقلابين ۽ دنيا جي فاشسٽ انسانن م به قومي برتري جي ڳاله موجود هوندي آ ترقي ۽ خوشحالي جي هڪجهڙائي هوندي آ ڪنهن به ڏاهي يا ڪنهن به ڏاڍي انسان م خير سگالي طور غلامي قبول ڪرڻ جي ڪا به خواهش ڪونه هوندي آ ,
اگر اوهان ڏاڍا نه ٿا ٿيڻ چاهيو ته نه ٿيو پر خدارا ڏاها ته ٿيو.
شوال ڏيٿو

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …