ڌاڙيلن جا ساٿي منهنجا مداح هئا. جگرجلال

 مشهور فنڪار جگر جلال چيو آهي ته اغوا واري عرصي دوران مونکان راڳ ئي وسري ويو هو، ڌاڙيلن تشدد نه ڪيو، جنهن شخص وٽ ڇڏي ويا اهو افسوس ڪندي چوي پيو ته ظالم توهان کي کڻي آيا آهن. بازياب ٿيڻ بعد سکر ۾ ميڊيا سان ڳهائيندي جگر جلال چيو ته سندن بازيابي پوليس جي ڪري عمل ۾ آئي آهي، هن چيو ته جيڪو به مسئلو هو، پوليس جي ڪري حل ٿيو آهي. جگر جلال چيو ته مونکي لڳي ٿو ته اسان کي رٿابندي تحت اغوا ڪيو ويو. جگر جلال چيو ته جنهن شخص وٽ اسان کي ڌاڙيل ڇڏي ويا، انهن شخص اسان جي تمام وڏي خدمت ڪئي، ان شخص چيو ته مان اوهان کي سڃاڻا ٿو، اوهان سٺا فنڪار آهيو. اسان جي به پسند جو فنڪار آهيو. جگر جلال ٻڌايو ته ان شخص چيو ته اسان اوهان جي استاد جلال چانڊيو جا به پرستار آهيون ۽ اوهان جا به مداح آهيون، پر ڇا ڪيون هِي ظالم توهان کي وٺي آيا آهن، اسان انهن سان ڳالهائينداسين ته اوهان کي ڇڏي ڏين. “اوهان کان گانا وغيره ڳارائيندا هئا“ ان سوال جي جواب ۾ کلندي جگر جلال چيو ته ان وقت مونکي گانا ئي ياد نه هئا. هن چيو ته اسان کي جتي ڇڏي ويا، اتي 3 ماڻهو هئا، جيڪي هڪٻئي کي ادا، سائين ڪوٺيندا هئا. انهن کانسواءِ مان ڪنهن کي به نه ڏٺو.

وڌيڪ پڙھو

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي تهملڪ جي حڪمرانن جي …