ڌاري آبادڪاري، سنڌ جي وجود لاءِ مستقل خطرو.!حيات تنيو

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي سموري تاريخ ۾ ايرانين کان وٺي يونانين، عربن، پٺاڻن، مغلن ۽ انگريزن تائين جيڪي به ڌاريا، ڦورو ۽ حملي آور سنڌ تي حملا ڪري کين غلام بڻائيندا رهيا آهن. انهن سمورن ڌارين ۽ حملي آورن جو مکيه مقصد سنڌ جي مال ملڪيت، چراگاهن ۽ گذرمعاش جي سمورن وسيلن تي قبضو ڪري پنهنجن ماڻهن کي خوشحال بنائڻ هوندو هو. هنن سنڌ جي قديم باشندن کي لکن جي تعداد ۾ پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور نه بنايو هو. نه ئي انهن ڌارين حملي آورن لکن جي تعداد ۾ پنهنجا ماڻهو آڻي سنڌ ۾ آباد ڪرايا هيا. جيڪڏهن ڪجھ ڌاريا سنڌ ۾ مستقل بنيادن تي رهي به پيا ته انهن مقامي ماڻهن جي ٻولي، ڪلچر ۽ حق حاڪميت کي قبول ڪري وطن جي خمير ۾ شامل ٿي ويا. پر بدقمستيءَ سان پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ جيڪي به ڌاريا سنڌ ۾ آيا آهن، اهي باقاعده سوچيل سمجھيل منصوبابندي ۽ منظم سازش ذريعي سنڌ جي نوڪرين، ڪارخانن، گھرن، ملڪيتن ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ جا ارادا ساڻ کڻي آيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو مُني صدي گذري وڃڻ بعد به هو سنڌ کي پنهنجو وطن سمجھڻ ۽ مڃڻ لاءِ تيار ڪونهن. سنڌين جي ٻولي، ثقافت ۽ حق حاڪميت کي قبول ڪرڻ بجاءِ پاڻ کي فاتح ۽ مٿانهون تصور ڪندي پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي مقامي ماڻهن جي حاڪميت کي چئلينج ڪندا رهن ٿا. ڌارين جي ان شروعاتي سموري آبادڪاري دوران لياقت علي خان جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ جي حڪومت باقاعده رٿابندي سان هندستان کان لڏي آيل مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو. 1954ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ پنجابين ۽ پٺاڻن کي به سنڌ ۾ اچڻ ۽ آباد ٿيڻ لاءِ سرڪاري سطح تي همٿايو ويو ۽ سندن هر قسم جي مدد فراهم ڪئي وئي. خاص ڪري جنرل ايوب خان جي دور ۾ ته پٺاڻن کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ لاءِ باقاعده اڪسايو ويو. 1971ع ۾ بنگلاديش جي ٺهڻ کان پوءِ اتان جي بهارين کي آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو. اهو عمل وري جمهوريت جي چئمپين ذوالفقار علي ڀٽو جي سربراهيءَ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت سرانجام ڏنو. ان کان پوءِ 1973ع جو آئين، جنهن کي پيپلزپارٽي پنهنجو سڀ کان وڏو ڪارنامو ڳڻائيندي رهندي آهي. انهيءَ آئين ذريعي پيپلزپارٽيءَ سنڌ سان جيڪا تاريخي ناانصافي ڪئي آهي ان جو ازالو ڪرڻ مشڪل آهي. ان آئين ذريعي نه رڳو ناجائز طريقي سان آباد ٿيندڙ ڌارين جي آباديءَ کي جائز قرار ڏنو ويو، پر کين قانوني تحفظ پڻ فراهم ڪيو ويو. ان آئين ذريعي اهو قانون پاس ڪيو ويو ته هر ماڻهوءَ کي اهو حق حاصل هوندو ته هو ملڪ جي ڪهڙي به حصي مان ڪٿي به وڃي رهي سگھي ٿو. نه رڳو ايترو پر سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ سان گڏ ملڪيت خريد ڪرڻ، ووٽ داخل ڪرائڻ ۽ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ سميت اليڪشن ۾ بيهڻ جو پڻ حق استعمال ڪري سگھي ٿو. اهڙي قسم جي آئيني تحفظ ملڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جو مستقل طور تي قانوني دروازو پڻ کلي ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سنڌ جي ڪوٽا تي چونڊيل، پيپلزپارٽيءَ جا ڪيترائي صوبائي اسيمبلي، قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ جا ميمبر ڌاريا آهن. 73 واري آئيني تحفظ ملڻ کان بعد جنرل ضياءَ جي دور ۾ شروع ڪيل جهاد جي نالي ۾ يا ان کان پوءِ وارين ليگي توڙي پيپلزپارٽيءَ جي حڪومتن ۾ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ مسلسل ڌارين جا ڪٽڪ سنڌ ۾ آباد ٿيندا رهن ٿا. جنرل مشرف جي دور ۾ به ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل جاري ڪرڻ وارو مسئلو سنڌ اسيمبليءَ ۾ آيو، جيڪو ڏسندي ڏسندي ڪجھ منٽن اندر پاس به ٿي ويو. ان کان پوءِ وري پيپلزپارٽيءَ جي دور حڪومت ۾ ڪراچيءَ جي ڪچين آبادين کي مستقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. انهن ڪچين آبادين ۾ 90 سيڪڙو ڌارين ماڻهن جي آبادي هئي.
اهڙيءَ طرح 2009ع ۾ به پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ سوات، مالاڪنڊ ۽ ٻين علائقن جي ماڻهن کي وڏي تعداد ۾ ڪراچي اندر آباد ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪيو. حڪومت جي اهڙي عمل خلاف سنڌي ماڻهن ۾ سخت مايوسي ۽ ڪاوڙ پيدا ٿيڻ سان گڏ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ واري خطري جو احساس پڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر موڙي جاڳي پيو. تاريخ جي ان اهم موڙ تي ترقي پسند پارٽي پنهنجو تاريخي فرض سمجھندي سڄي سنڌ ۾ تحريڪ هلائڻ جو آغاز ڪيو. تحريڪ جي آخري مرحلي ۾ 10 جون تي وزيراعلي هائوس جي اڳيان ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڌرڻي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ تمام وڏي محنت ڪئي وئي. پارٽي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي ڪيترائي ڏينهن ڪراچي ۾ رهي گھر گھر ورڪ ڪري ماڻهن کي ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو رهيو. حڪومت پاران به ڌرڻي کي ناڪامياب ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعال ڪندي سڄي سنڌ مان گرفتارين ۽ تشدد جو سلسلو شروع ڪيو ويو. ان وقت واري سنڌ جي گھرو وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي بيان ذريعي سڌي ڌمڪي ڏيندي چيو ته 10 جون تي جيڪو به سنڌي ڪراچي اچي اهو پنهنجي گھر وارن کان موڪلائي اچي. حڪومت پاران 10 جون تي سڄي سنڌ ۾ ناڪابندي ڪندي ڪراچي ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا. اسان جو قافلو ڪراچي وڃڻ لاءِ جڏهن ترقي پسند هائوس حيدرآباد کان نڪتو ته ڀٽائي نگرپُلِ وٽ پوليس جي وڏن اٽالن اسان کي روڪي ورتو. تمام گھڻي احتجاج، جھڙپن ۽ منهن ماري کان پوءِ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعال سان گڏ لاٺي چارج ۽ گرفتاريون ڪرڻ شروع ڪيون. ان دوران مظفر ڪلهوڙو ( ان وقت پارٽي جو پريس ترجمان هو) بابو شيدي ۽ مون سميت شهدادڪوٽ جو دوست شبير مگسي ۽ ٻيا تقرين 20 دوست گرفتار ٿي وياسين. جڏهن ته ڪراچي جي صورتحال اها هئي ته ڪراچي جي سمورن داخلي توڙي اندروني رستا بند ڪيا ويا هئا. وزيراعلي هائوس ڏانهن ويندڙ سمورن رستن کي ڪنٽينرن سان بند ڪري وڏي تعداد ۾ پوليس نفري ۽ رينجرس کي بيهاريو ويو هو. حڪومت جي تمام تر ڪوششن، ناڪابندين، گرفتارين ۽ تشدد جي باوجود به هزارن جي تعداد ۾ سنڌ جي غيرتمند ۽ بهادر پٽن ميدان تي نڪري وزيراعلي هائوس ڏانهن پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙي وقت ۾ نام نهاد جمهوري حڪومت ڏاڍ، ڏهڪاءَ، آپيشاهي ۽ آمريتي روايتن جي پاسداري ڪندي، پرامن احتجاج ڪندڙ مظاهرين تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪرڻ سان گڏ سڌي فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس ٽي پي ڪراچي جا ٻه ڪارڪن براد ڪلمتي ۽ حسن مگسي پنهنجي وطن تان وارجي شهادت جو رتبو ماڻي سدائين لاءِ امر بڻجي ويا. جڏهن ته پوليس تشدد ۾ درجنين ڪارڪن سخت ڦٽجي پيا ۽ ڪيترائي گرفتار ٿي ويا. ان دوران اهي به افواھ ڦهلجڻ شروع ٿي ويا ته ڊاڪٽر قادر مگسي سخت زخمي ٿي پيو آهي. اهڙن افواهن جي ردعمل ۾ چند منٽن اندر سڄي سنڌ ۾ پاڻ مرادو احتجاج شروع ٿي ويو. ماڻهو پنهنجا ڪاروبار ۽ دوڪان بند ڪري شهرن جي چوڪن ۽ چوراهن تي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا. مان سمجهان ٿو ته ڪنهن به قومپرست اڳواڻ جي گرفتاري يا زخمي ٿيڻ جي افواھ تي ايڏي شديد ردعمل جو اڳ ۾ اهڙو ڪو به مثال ڪو نه ٿو ملي.
ڌاري آبادڪاري جي خلاف ايس ٽي پي جي ان تاريخي جدوجهد ۽ سنڌ جي ٻن غيرتمند پٽن شهيد حسن مگسي ۽ شهيد براد ڪلمتيءَ جي عظيم قربانيءَ کان پوءِ به سنڌ ۾ ڌارين جي آمد جو سلسلو اڃان تائين بند ناهي ٿيو. پر سڀ کان وڌيڪ ڳڻتيءَ واري صورتحال اها آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ملڪ کان ٻاهريان يا پاڪستان جي ٻين صوبن کان سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ ڌاريا، سنڌ وطن جي ڌرتيءَ کي پنهنجي ماءُ سمجھي ان جي خمير ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ناهن. تنهن ڪري ڌارين جي مسلسل وڌندڙ آبادي سبب سنڌين کي سدائين اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو لاحق هجڻ سان سنڌ جي وحدت پڻ خطري هيٺ آهي. انڪري سنڌ جي قومپرست پارٽين خاص ڪري ترقي پسند پارٽي کي تمام گھڻي غور فڪر ۽ سنجيدگيءَ سان ويچار ڪري هڪ منظم ۽ سگھاري جدوجھد جو آغاز ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته جدوجهد ۾ صعوبتون سهندڙ، قربانيون ڏيندڙ توڙي شهادتن جهڙو عظيم رتبو حاصل ڪندڙ سمورن سنڌ جي شهيدن سان سچي محبت ۽ انهن جي خون سان حقيقي انصاف به اهو ٿيندو ته اسان انهن جي ڇڏيل مشين کي اڳتي وڌايون ۽ ڪاميابي جي منزل تي رسايون. مان سمجھان ٿو ته شهيدن جي عظمت، جدوجهد ۽ سندن قربانين کي حقيقي مڃتا ۽ ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو موزون طريقو ڪونهي.

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا …