ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

حيدرآباد (پريس رليز)

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ مگسي هائوس حيدرآباد ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ڄام عبدالفتاح سميجو، حيدر شاھاڻي ، حيدر ملاح ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ، قادر چنا ، امتياز سمون ، نثار ڪيريو ، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، هوت خان گاڏهي ، ڊاڪٽر احمد نوناري ، گوتم چنا ،خدا بخش درس ، ڄام شوڪت ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته چيو ته ملڪ هن وقت مختلف معاشي ۽ سياسي بحرانن مان گذري رهيو آهي. ملڪ جي اندر وڌندڙ مھانگائي سبب عام ماڻهو جي زندگي گذارڻ ڏاڍي ڏکي ٿي وئي آهي. عام ماڻهو هڪ ويلو ماني کائڻ جي لاءِ پريشان آهي. هن سڄي صورتحال جا ذميوار حڪمران آهن جن ڪرپشن جي ذريعي ملڪ کي لٽي ۽ ڦري پنهنجون ذاتي ٽجوڙيون ڀريون آهن. ۽ ملڪ کي ڪنگال بنايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اندر ڌارين آبادڪاري کي هڪ سازش تحت منظم ڪيو پيو وڃي. غيرملڪي پناهگيرين سبب سنڌ جي اندر نه صرف آبادي جو دٻاءُ وڌيو آهي پر سنڌ جي وسيلن، ڪاروبار ۽ روزگار تي مڪمل قابض ٿي ويو آهي جنهن سبب هن ڌرتي جا اصل ڌرتي ڌڻين جو استحصال ٿيندو پيو رهي. ان سان گڏوگڏ ڌارين آبادڪاري سبب سنڌ جو امن امان مڪمل تباھ ٿي رهيو آهي سنڌ اندر وڌندڙ ڏوھ، بدامني، منشيات فروشي ۽ واهپي سميت موتمار هٿيارن جو سرعام وڪرو ڪيو پيو وڃي. ڪورٽن جي حڪم باوجود سنڌ اندر آيل غيرملڪي پناهگيرن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني نٿي وڃي. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي غير ملڪي پناهگيرن سان سنڌي قوم پاران معاشي بائيڪاٽ واري عمل کي ساراهيندي چيو ان کي اڃان وڌيڪ مستقل تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران اعلانيل 21 آگسٽ 2022 تي حيدرآباد ۾ ڌارين آبادڪاري جي خلاف ٿيندڙ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڌارين آبادڪاري خلاف جدوجهد کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن جي لاءِ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون. اجلاس ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف جدوجهد جي شھيد دلشاد ابڙو جي 11 ورسي جي موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي لفظن جي ڀيٽا ڏني وئي.

اجلاس ۾ اي آر وائي تي پابندي واري وفاقي حڪومت جي فيصلي جي مذمت ڪئي وئي ۽ ان کي اظهار جي آزادي جي خلاف قدم قرار ڏنو ويو

وڌيڪ پڙھو

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي تهملڪ جي حڪمرانن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *