ڌارين آبادڪاري خلاف ٽوئيٽر تي سنڌ جي شعور جو تاريخي احتجاج، 3 لک 40 ھزار کان مٿي “ڊيپورٽ آل رفيوجيز“ ھيشٽيگ تي ٽوئيٽس ڪيا ويا

سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري جي خلاف گذريل ڏينھن 26 جون تي سنڌ جي شعور ٽوئيٽر تي “ڊي پورٽ آل رفيوجيز “ جي ھيشٽيگ ھيٺ 340 ھزار ٽوئيٽس ڪري پنھنجو تاريخي احتجاج رڪاڊ ڪرايو ۽ مطالبو ڪيو تہ سنڌ ۾ موجود غيرقانوني ڌارين جي لوڌين کي نيڪالي ڏني وڃي.سنڌ جي مختلف سياسي ،سماجي. ادبي .صحافي تنظيمن جي اڳواڻن شاگردن، نوجوانن سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن ٽوئيٽس ڪيا،جنھن سبب ڪالھ ٽوئيٽر تي سڄو ڏينھن ٽرينڊ ڇانيل رھيو.۽ پاڪستان ۾ پھرين نمبر تي ٽرينڊ ڪندو رھيو. ٽرينڊ ۾ حصو وٺندڙن جو چوڻ ھو تہ ڌارين آبادڪاري سبب نہ صرف سنڌ مٿان آبادي جو بار وڌيو آھي پر ان سان گڏ سنڌ جي اندر امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ، بيروزگاري وڌڻ، مقامي ڌرتي ڌڻين جا حق غضب ٿيڻ کان ويندي منشات ۽ ھٿيار فروشي ۾ ڌارين آبادڪاري ملوث آھي، ھنن چيو تہ معاھدي تحت آيل افغانين کي بہ ھاڻي واپيس پنھنجي وطن موڪلڻ گھرجي . وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو .

دي پورٽ آل رفيوجز جي ھيشٽيگ ھيٺ ٽرينڊ بابت پاڪ پاليٽيڪس جي نالي سان ويب سائيٽ پاران جاري ڪيل انگ اکرن مطابق ۾ ٽرينڊ ۾ حصو وٺندڙن ۾ جيڪي ٽوئيپرس ٽاپ 10 ۾ آيا ان ۾ سيد خدا ڏنو شاھ، سرتاج ترڪ، ڪائينات ھاليپوٽو، مصري لڙڪو، ماروي سنڌو, عيسيٰ لاشاري، گلزار شر، جھانزيب ترڪ، خليل ڀڙڳڙي ۽ دانش پرمار شامل آھن.

ھن ٽرينڊ ۾ سڀ کان پھرين ٽوئيٽ ناليواري صحافي خدا ڏنو شاھ ڪيو ۽ مھم جو آغاز ڪيو،جنھن کان پوءِ مختلف سماجي سياسي ادبي صحافي تنظيمن شاگردن سميت مختلف مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻھن ان جي حمايت ڪئي ۽ ڀرپور حصو ورتو.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي جو ڪيل ٽوئيٽ
قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو جو ڪيل ٽوئيٽ
عوامي تحريڪ جي چيف آرگنائيزر لال جروار جو ڪيل ٽوئيٽ
سماجي ڪارڪن عروسہ کٽي جو ٽوئيٽ
ايس ٽي پي اڳواڻ امتياز سمون جو ڪيل ٽوئيٽ

وڌيڪ پڙھو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

بشير خان قريشي جو پٽ قوسين قريشي ڪراچي مان گرفتار، صنعان خان احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان جي ڀاءُ ۽ بشير خان قريشي جو …