ڊهندڙ ۽ نيون ٺهندڙ لڪيرون-هوت خان گاڏھي

عرصو اڳ مون ڪرشن چنڊر جي هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي جنهن جو تت ته ياد آهي پر نالو نه اها ڪهاڻي هڪ غريب ماڻهون جي ارد گرد گهمندڙ هئي جيڪو شيئر جو ڪاروبار لو ڪندڙن جي منڊي ۾ اچانڪ پهچي بغير رقم سيڙائڻ جي ڪجه پيسا ڪمائي وٺندو آهي ۽ پوءِ ڪنهن جي پلاٽ تي پيشاب ڪرڻ سبب انهن پيسن مان ان پلاٽ جو سودو ڪري لک پتي بڻجي ويندو آهي پوء آسمان ڏي منهن ڪري چوندو آهي.،. ناڻو اهڙي چڪمڪ آهي جيڪو ناڻي کي ڇڪي ٿو..، ڪلھ آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ دوست سان فون تي ڪچهري ٿي دنيا جي ڪافي سنجيده صورتحال تي مون آمريڪا جي هلندڙ اليڪشن. ڪرونا وائرس. آمريڪا جي معيشت تي ڪافي مواد ڪٺو ڪري ورتو هو ۽ ان تي لکڻ پي چاهيو پر دوست جي ڪچهري کان پوءِ صورتحال وڌيڪ ڀيانڪ محسوس ٿي ۽ اڄ ڪلھ ڏسڻا وائسڻا ماڻهون سرمائيدار دنيا جو انسان دشمن ڀيانڪ روپ عملن ڀوڳڻ باوجود ڏسڻ ۽ ٻڌڻ نٿا چاهين خراب حالتون ماڻهن ۾ شعور. مقابلي واري ڪيفيت ۽ اجتماعيت پيدا ڪنديون آهن پر اسان وٽ ان جي ابتڙ آهي ۽ اسين هر سطح تي وڌيڪ سطحي ٿي رهيا آهيون. ان ڪري مون آمريڪا واري مواد جنهن سان سڄي دنيا ۽ پنهنجي ملڪ. خطي سميت موجوده حالتن جو نقشو چٽيل هو پاسيرو ڪري رکي ڇڏيو.. ناڻي جي خاصيت ۾ اها شئي سمايل آهي ته هو پاڻ ۾ اضافو چاهيندو آهي ۽ اضافو سواء منافعي جي ممڪن ناهي.. (. ڪلھ هڪ دوست جي وال تي اهو ڏٺو ته هن زرداري لاءِ لکيو ته سخت بيمار آهي شايد اڄ صبحاڻي تي آهي ان ڪري ڦرلٽ ڪيل ناڻي مان رڳو پنجويهه سيڪڙو ڏئي ته سندس ۽ قوم جا وارا نيارا ٿي ويندا مان کلي ويٺس ته اسين اڃان ان خوشفهمين ۾ پيا جيون. اڙي بابا جي زرداري صاحب کي اهڙا وارا نيارا ڪرڻا هجن ها ۽ غريبن جو ۽ قوم جو اهڙو احساس ۽ خيال هجي ها ته ايڏا خطرناڪ عمل ڪري قوم ملڪ ماڻهن کي لتاڙي ناڻي جي ريس ۾ وڃي ڇو ها ۽ هن سسٽم ۾ اڪيلو زرداري ناهي سنڌي ۾ چوڻي آهي ته. نوانوي جي مار اهڙي مار ۾ اڪيلو زرداري نه لکين ماڻهون ملوث آهن جن مان نجات جو هڪڙو ئي ذريعو آهي ناڻي جي اهڙي ڪيفيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ انقلابي يعني سسٽم جي تبديلي. باقي گهوڙو به پالجي ۽ ان جي اڳيان گاه رکي چئجي يار گهوڙا ٻيلي گاه سان دوستي ڪر متان ان کي کاڌو اٿئي بابا گهوڙو گاه نه کائيندو ته جيئرو ڪيئن رهندو.،). دنيا جو موجوده سرمائيداراڻو معاشي نظام ڪرونا وائرس سبب جيئن جيئن معاشي تباهي ڏانهن ڊوڙي پيو تئين سڄي دنيا ان طرف تيزيءَ سان وڌندي نظر اچي پئي ته هو پنهنجي سرمائيدارانا سسٽم. ناڻي جي منافعي واري خاصيت کي بچائڻ لاء. ڪروڙين انسانن جو ٻليدان ڪري. سرمائي ۽ سسٽم کي بچائڻ لاءِ دنيا تيار هئي ته جي وڏي عمر وارا ڪروڙ ڏيڍ ماڻهون مرن ٿا ته خير آهي ان ڪري پهريان ڪرونا کي روڪڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا پر جڏهن ڪرونا وائرس عمر جي خيال کان لحاظ نه ڪيو ته پوءِ سرمائيدار دنيا پنهنجي رياستي ناڻي منجهان ڪجھ خيرات زڪوات ڪڍندي مارڪيٽ ۾ ڪمزور ٿيل خريد قوت کي ۽ بگڙجندڙ سرمائي جي منافعي واري انگ کي بچائڻ لاء ڪجھ حصو عوام جي کاتي ۾ ۽ وڏو حصو صنعتي عمل کي بچائڻ لاءِ وقف ڪيو . اگر سرمائيدار دنيا ۽ سرمايو جلد ان بحران مان نڪرڻ ۾ ڪامياب نٿو ٿئي ته پوءِ مونکي جيڪو نظر اچي پيو ته هيءَ لاڪ ڊائون وارو سلسلو ختم ڪري دنيا جي سڄي چرپر آهستي آهستي مڪمل بحال ڪئي ويندي. ڪروناوائرس کي انسانن تائين پهچڻ جو آسان رستو ڏنو ويندو ۽ سرمائيدارانا سسٽم ۽ ناڻي جي منافعي واري خاصيت کي بچائڻ لاءِ ٻٽي ڪروڙ انسانن جو ٻليدان ڏنو ويندو . اڄوڪي ٽرمپ جي پريس بريفنگ ۽ چار ڏينهن اڳ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي امداد روڪڻ واري صورتحال مان به ائين ٿيندو نظر اچي ٿو. 1918 ۾ آيل اسپينش فلو وائرس ۾ به ته سرمائيدار دنيا ست ڪروڙ انسانن جي بلي ڏني هئي نه. سرمائيدار دنيا رڳو ٻن شين جي ڪري اڃان پريشان آهي جنهن تي وڏي پئماني تي تحقيق هلندڙ آهي. هڪ ڪروناوائرس ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ ٺيڪ ٿيندڙ ماڻهوءَ جا ڪهڙا ڪهڙا آرگن ڪيتري حد تائين متاثر ٿيندا ۽ منجهانئس پيدا ٿيندڙ ايندڙ نسل جي جسماني ۽ ذهني ڪيفيت ڪٿي جھجھي متاثر ته نه ٿيندي جنهن سان ڪي وڏا جينياتي دنيا کي مسئلا ته لاڳو نه ٿيندا. ٻيو 1918 ۾ آيل وبا اسپينش فلو وائرس جي پکيڙ ڪرونا وائرس جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي سست هئي ۽ هڪڙي علائقي کان ٻئي علائقي تائين الڳ الڳ وقتن ۾ فهليو جڏهن ته ڪروناوائرس جي پکيڙ جي رفتار تيز ۽ هڪ ئي وقت سڄي دنيا کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ان صورتحال کي منهن ڪيئن ڏبو… يقينن هن صورتحال کي سمجهڻ منهن ڏيڻ لاءِ ذهني ڪينواس کي وسي ڪرڻ ۽ ڏاهپ کي هن نئين دنيا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي قابل بڻائڻ جديد انگ اکرن سوچ ۽ حڪمت عملين سان ليس ٿي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. منهن مونن ۾ وجهي يا خطري کي ڏسي مٿو واري ۾ لڪائڻ يا لطيف جي بيتن سان من ريجهائڻ سان خطرا نه ٽرندا. هوت خان گاڏهي

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *