ڊالر جي قيمت بابت وڏي اڳڪٿي

ڊالر جي قيمت بابت وڏي اڳڪٿي

ڪراچي: (خميس: 09 نومبر 2023ع) ملڪ ۾ رپئي جو قدر گهٽجڻ باوجود معاشي ماهرن ڊالر جي قدر ۾ واڌ کي عارضي قرار ڏيندي ان جو اگهه گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
فاريڪس ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين ملڪ بوستان هڪ بيان ۾ چيو ته ڊالر جي وڌندڙ اگهه سبب ماڻهو پريشان آهن، انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 287 رپين جو ٿي ويو آهي.
هن چيو ته ڊالر جو اگهه وڌڻ سان گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، آمريڪي ڪرنسي جو قدر وڌڻ جو حقيقي سبب طلب آهي، ڇو ته ايل سيز کلي رهيون آهن، جنهن سان ڊيمانڊ وڌي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌيا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ايندو، ملڪ ۾ ڊالر جي حقيقي قيمت 250 رپيا آهي.

ھي بہ پڙھو

ملڪ کان ٻاهر نه پر جبلن تي ويندس. اي سي ايل ۾ نالو اچڻ تي عمران خان جو رد عمل

ملڪ کان ٻاهر نه پر جبلن تي ويندس. اي سي ايل ۾ نالو اچڻ تي عمران خان جو رد عمل

لاهور (مانيٽرينگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نو فلاءِ لسٽ ۾ نالو وجهڻ …