ڇا ھي خطو ھاڻي بنيادپرستي جي گرھڻ مان نڪري سگھندو

ھوت خان گاڏھي جو انڊيا جي اليڪشن جي نتيجن جي بعد جو تجزيو

گذريل ٽن مھينن کان ھلندڙ دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمھوري ملڪ انڊيا جون چونڊون ڪلھ 23 ميء تي آيل اليڪشن نتيجن سان تڪميل تي پھتيون انڊيا جي ايوان جي ٽوٽل 542 سيٽن مان ڪٽر بنياد پرست جماعتن بي جي پي ـ شيو سينا ۽ سندن اتحادين جي کاتي ۾ 352 سيٽون ۽ ملڪ جي لبرل ۽ کاٻي ڌر سي پي ايم ـ سي پي آء ۽ ڪانگريس جي اتحادين کي ٽوٽل 190 سيٽون آيون آهن خالص ٻن مک پارٽين ڀارتيا جنتا پارٽي کي 300 ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس کي 55 سيٽون مليون بي جي پي صرف جتي سالن کان ھلندڙ ڪميونسٽ پارٽين جي اٽر رسوخ رکندڙ علاقن ۾ ھن بنياد پرستي جي پيدا ٿيل يا ڪيل طوفان ۾ به پير کوڙڻ ۾ ناڪام رھي آهي سڀ کان وڏو اپسيٽ ڪانگريس ۽ راھول گانڌي جي اميٺي واري آباء سيٽ تان ھڪ ڊرامن جي اداڪارا ۽ غير مقبول سياسي عورت ھٿان شڪست آهي جنهن مان ھندوستان ۾ آيل بنياد پرستي جي جن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ھن اليڪشن تي لکڻ جو بنيادي مقصد اھو جاءزو وٺڻ آهي ته ھن نتيجن جا خود ھندوستان ـ پاڪستان ـ خطي ۽ عالمي صورتحال تي سياسي ـ سماجي ـ معاشي جنگي ۽ جاگرافين تي ڪھڙا اثر پوندا ڇاڪاڻ ته ھن مرحلي تي ھن خطي جي اھم ملڪ جي جنگي جنون ۾ ورتل بنياد پرستي جي انڌي تلوار کنيل وحشي حڪمرانن کي ايڏي وڏي عوامي مڃتا جو ملڻ خطري کان خالي ناهي ڇاڪاڻ ته خود ڀارت ھڪ گھڻ قومي ـ گھڻ مذهبي گهڻ ٻولي ۽ گھڻ ثقافتي ملڪ آهي ـ جيڪو گذريل وڏي تاريخي وھڪرن ۾ مذهبي يلغارين کي ۽ ھندو مذهب جي اوچ نيچ تي ٻڌل برھمڻ سماج خلاف وڏي ويڙهه جو مرڪز رھيو آهي

ھندوستان ۾ مغليا دور ۾ اقتداري مفادن ۽ قبضي گيري کي تقويت ڏيڻ خاطر کين حڪومتي سطح تي مذھبي رواداري کي پاليسي جو حصو بنائڻو پيو ان باوجود ننڊي کنڊ جي سمورين قومن بنگال ـ پنجاب کان ويندي سنڌ تائين گذريل پنج سو سالن جي تاريخ ڪبيرداس ڀڳت کان لطيف بلي شاھ امير خسرو ٽيگور شاھ عنايت شھيد دارا شڪوھ جھڙا ڪردار بنياد پرستي جي جن سان ٽڪراءيندا رھيا آهن ۽ فاتح به رھيا آهن ـ انگريزن جي قبضيگيري ۽ اقتداري مفادن کي جڏهن مذهب کي ھٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ضرورت پيء ته ان جي به ھن خطي لڳاتار ھڪ صدي تائين ڪامياب مذاحمت ڪيء صرف سندن آخري ويھن سالن جي چالن حڪمت عملين ۽ 1917 ۾ روس ۾ لينن جي قيادت ۾ آيل ڪامياب سوشلسٽ انقلاب ۽ دنيا اندر وڌندڙ سندس ڪردار دنيا اندر سوشلسٽ ۽ قومي آزادي جي تحريڪن ٻي عالمي جنگ ۾ روس جي وڌيل اسر رسوخ جي سببن عالمي تناظر ھن خطي اندر مذهب کي سوڀارو ڪيو جو برصغير ۾ ھندو مذھب جي نالي ۾ ھندوستان ۽ مسلم مذهب جي نالي ۾ پاڪستان نالي ملڪ ٺھيا ـ تاريخ تي نظر وجھڻ سان ڄاڻ ملي ٿي ته ھن خطي جي جملي قومن ۽ سڄاڻ ماڻھن ان عمل کي دل سان قبول نه ڪيو پر حالتن ۽ طاقت جي جبر انهن جي ٿيندڙ مذاحمتن کي ڪچلي ڇڏيو ورھاڱي جي پسمنظر ۾ سرجيل سمورو ادب ـ شاعري ـ فلم ۽ ٻيون فنون لطيفا سان لاڳاپيل شيون گواھ ۽ تاريخ جو حصو آهن ھندوستان جي ته پنجاھ جي ڏھاڪي کان اسي جي ڏھاڪي تائين ادب سان گڏ ھزارين ٺاھيل آرٽ موويز جو ذخيرو آهي جنهن مذهبي متڀيد ۽ خود ھندو مذهب اندر برھمڻ سماج ذات پات واري اونچ نيچ مذهبي ڪڌين رسمن ۽ سماجي براين خلاف ھڪ مشن طور ڪم ڪيو آهي ـ سميتا پاٽيل ـ شبانا اعظمي ـ ريکا اوم پوري امريش پوري جاويد شيخ ـ نصيرالدين شاھ جھڙا سوين اداڪار ۽ اداڪاراءون ھڪ مشن طور انهن فلمن ۾ مفت ۾ ڪم ڪندا رھيا آهن پر ھندوستان جي موجوده ٽن ڏھاڪن تي نظر وجھڻ سان خبر پوي ٿي ته سمورا سرڪل مذهبي بنياد پرستي جا ڀرجھلا بنيل آهن ھن اليڪشن دوران انڊيا جا سمورا اليڪٽرانڪ ميڊيا ـ پرنٽ ميڊيا جا ادارا ۽ انهن سان لاڳاپيل فرد پيشور ڪردار کان پري ۽ بنياد پرستي جي ڌر بنيل ھيا ـ عالمي قوتن ۔ سواء پاڪستان جي۔ ۔ جنهن جا مودي سرڪار سان ميچ نٿا ڪن۔ ۔ باقي سمورا پاڙيسري ملڪ بي جي پي جا حمايتي ھيا سڄي اليڪشن دوران مودي بي فڪر ٿي ڪجهه جلسا ڪرڻ کانسواء باقي سمورو عرصو سڄي ھندوستان جي مندرن آستانن تي چلا ڪڍندو زيارتون ڪندو رھيو دبيء ۽ سعودي عرب ۾ وڏين رقمن سان جوڙيل نون مندرن جو افتتاح ڪندو رھيو اھڙي عمل جي ميڊيا طرفان مخالفت ڪرڻ بجاء پروجيڪشن ٿيندي رهي انهن سمورن عملن جي نتيجي ۾ اھڙي رزلٽ اچڻ جي اميد ھيء ـ اڄ ھن خطي جي اھم ملڪ ڀارت ۾ چانڪي آچاريا ـ چندر گپت موريا ـ اشوڪ اعظم جي اکنڊ ڀارت جنهن جي جاگرافي سنڌ بلوچستان جي ساحلي پٽي کان شروع ٿي ٽيڪسلا ـ لڌاخ ـ طبت ـ ھنزا بنگال ـ ڀوٽان ـنيپال تائين پھليل آهي واري سوچ غالب آهي ـ پاڪستان ۾ مرحوم جنرل گل حسن جي جھادي ۽ اھياء اسلام واري سوچ ۽ حڪمت عمليون رکندڙ ايٽمي ھٿيارن جديد ميزاءلن سان ليس مالي طور بدحال حڪمران برسر اقتدار آهن ـ بلوچستان اندر انٽرنيشل پراڪسي وار جي ضرورتن جي پيش نظر گريٽر بلوچستان جي فوڪڻي ۾ ھوا ڀري رک آهي ـ افغانستان ۾ صرف قابل تائين محدود امريڪي طاقت سان ھلندڙ گريٽر افغانيا واري سوچ رکندڙ ٽولو قابض آهي جڏهن ته باقي سڄي افغانستان تي ڪٽر بنياد پرست طالبان جو قبضو آهي ۽ فوجي اڏن تي قبضي سميت نيٽو جي نالي ۾ جديد ريڊار سسٽم جديد ھٿيارن سان ليس فزيڪلي امريڪا ۽ برطانيا جون فوجون موجود آهي ـ ايران ۾ شيعا بنياد پرست حڪومت موجود آهي جنهن نه صرف ايران پر ست مسلم ملڪن ۾ سعودي عرب جي جارحانا قبضي گيري ۽ پنهنجن حمايتي حڪومتن جي قيام خلاف ايران به پنهنجي مذهبي فڪري مليشياز جوڙي رکيون آهن ـ چين پنهنجي معاشي مفادن جي توسيع لاء ھن خطي ۾ پنهنجي واڌو ناڻي ـ ٽيڪنالجي ۽ واڌو آبادي جي کاپي لاء سمورا رستا اختيار ڪري رھيو آهي ـ امريڪا افغانستان جي صورتحال چين جي وڌندڙ معاشي سياسي اسر رسوخ ۽ روس جي ھن خطي ۽ گلف ۾ وڌندڙ اسر رسوخ۔ سياسي ـ معاشي خاص طور جنگي ساز سامان جي مارڪيٽن تي قبضي واري صورتحال امريڪا لاء آلمرنگ واري صورتحال کي جنم ڏنو آهي ۽ امريڪي سامراج جي ھڪ صدي کان قائم ھن خطي ۾ اجاراداري محدود ٿيندي نظر اچي ٿي جنهن ڪري ھو ايران سان ڪيل معاھدي مان پنهنجي اتحادين کانسواء نڪري ويو آهي ۽ جنگي ساز سامان سان ليس ٻيڙا ايراني نار تائين پھچاء چڪو آهي ان جي موٽ ۾ ايران به پنهنجون جنگي تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن توڙي جو عملي جنگ جي حق ۾ حالتون نظر نه به اچن پر شديد ڪشيدگي موجود آهي ھن مرحلي تي روس چين ۽ ڀارت جي ايندڙ ڪردار تي دارومدار آهي ـ ايران وٽ امريڪي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاء صرف ٻھ طاقتور محاذ آهن ھڪ ھرمز سامونڊي لنگھ بند ڪرڻ جتان دنيا کي تيل جي وڏي ترسيل وڃي ٿي جنهن جي لاڳيتو بند ڪرڻ لاء کيس روس چين ترڪي ۽ پاڪستان جي سھڪار جي ضرورت رھندي ٻيو لبنان ـ شام ـ يمن ـ عراق ـ لبيا ـ افغانستان ۾ موجود سندس جوڙيل مليشياز جي ذريعي امريڪا جي موجود اھداف تي سڌو اٽيڪ ڪرڻ ۽ سعودي عرب ۽ اسراعيل تي حملو ـ اھڙي صورتحال ۾ گھيريل ھي خطو جنهن ۾ پاڻ موجود آهيون وڏي ڇڪتاڻ جو مرڪز بنيل آهي ۽ مستقبل قريب ۾ اھا صورتحال ڪنهن وڏن سانھين کي به جنم ڏيء سگهي ٿي ـ ان پسمنظر ۾ انڊيا جا چونڊ نتيجا ھن خطي جي ماڻهن لاء وڏا اھم آهن

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …